پيپلزپارٽي ڄمي مقابلو ڪندي ۽ هو حڪومت ٺاهيندا، پ پ حڪومت ٺاهڻ لاءِ ئي چونڊن ۾ حصو وٺي رهي آهي: بلاول ڀٽو زرداري

- Advertisement -
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پيپلزپارٽي ڄمي مقابلو ڪندي ۽ هو حڪومت ٺاهيندا، پ پ حڪومت ٺاهڻ لاءِ ئي چونڊن ۾ حصو وٺي رهي آهي، دل جي تڪليف ٿيڻ تي شريف ڀائر لنڊن ڀڄي ويندا آهن، 8 فيبروري تي  کين ٻيهر دل جي تڪليف ٿيندي، هاڻي لنڊن وڃڻ جي ضرورت ناهي، رائيونڊ ۾ ئي علاج جي سهولت فراهم ڪئي ويندي، نفرت، گارگند ۽ ورهائڻ جي سياست تي يقين ناهي، ملازمن جي پگهار ٻيڻي ڪرڻ جو ڪم رڳو پ پ ئي ڪري سگهي ٿي، 300 يونٽ استعمال ڪندڙن کي مفت بجلي فراهم ڪئي ويندي. ماڊل ٽائون لاهور ۾ ورڪرز ڪنويشن کي خطاب ڪندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پيپلزپارٽي ڄمي مقابلو ڪندي ۽ هو حڪومت ٺاهيندا، پ پ حڪومت ٺاهڻ لاءِ ئي چونڊن ۾ حصو وٺي رهي آهي. هن چيو ته دل جي تڪليف ٿيڻ تي شريف ڀائر لنڊن ڀڄي ويندا آهن، 8 فيبروري تي  کين ٻيهر دل جي تڪليف ٿيندي، هاڻي لنڊن وڃڻ جي ضرورت ناهي، رائيونڊ ۾ ئي علاج جي سهولت فراهم ڪئي ويندي. پ پ چيئرمين چيو ته نفرت، گارگند ۽ ورهائڻ جي سياست تي يقين ناهي، هو پنهنجي منشور تحت چونڊ وڙهندا. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ملازمن جي پگهار ٻيڻي ڪرڻ جو ڪم رڳو پ پ ئي ڪري سگهي ٿي، 300 يونٽ استعمال ڪندڙن کي مفت بجلي فراهم ڪئي ويندي. پ پ چيئرمين چيو ته لاهور ۾ ڀرپور مقابلو ڪيو ويندو، پ  پ کي موقعو مليو ته سمورا واعدا پورا ڪيا ويندا، هو ن ليگ ۽ پي ٽي آءِ جيان ڪوڙا واعدا ناهن ڪندا. بلاول ڀٽو زرداريءَ خطاب دوران 10 نقاطي چونڊ منشور پڻ پيش ڪيو. ورڪرز ڪنويشن دوران چوڌري عبدالغفور ساٿين سميت پ  پ  شموليت جو اعلان ڪيو ۽ بلاول کيس پارٽي جهنڊي جو مفلر پارائي ڀليڪار ڪيو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
21.4 ° C
21.4 °
21.4 °
54%
2.4m/s
0%
اربع
31 °
خميس
25 °
جمعو
25 °
ڇنڇر
28 °
آچر
26 °

تازه ترين خبرون