تازه ترين

پيپلز پارٽي هميشه عدليه جي آزادي لاءِ جدوجهد ڪئي: شرجيل انعام ميمڻ

- Advertisement -
سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته پيپلز پارٽي هميشه عدليه جي آزادي لاءِ جدوجهد ڪئي، اوچتو عدليه جي آزادي ياد اچڻ سواليه نشان آهي، ثاقب نثار  وقت ڪنهن کي عدليه جي آزادي ڇو ياد نه آئي، پ پ سينيٽ جي چونڊن ۾ ڀرپور حصو وٺندي، تحريڪ انصاف سينيٽ جي چونڊن جي بائيڪاٽ جو باضابطا اعلان نه ڪيو آهي، ڪراچي ۾ ٽرانسپورٽ جا نوان روٽ شروع ڪيا پيا وڃن. ڪراچيءَ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سينيٽ جون چونڊون سڀاڻي ٿينديون، پيپلز پارٽي وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿيندي، پي ٽي آءِ ڪالهه ڪوڙ تان هٿ کڻڻ جو اعلان ڪيو هو ۽ اڄ يوٽرن ورتو آهي، انهن وٽ اڃا تائين نمبر نه آهن اهي حصو وٺي رهيا آهن. سندس چوڻ هو ته هو منشيات کي روڪڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهن، عيد کان پوءِ بسن جي روٽس ۾ اضافو ڪيو ويندو، ريڊ لائن بي آر ٽي جو ڪم به مڪمل ٿيڻ وارو آهي. سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پيپلز پارٽي هميشه عدليه جي آزادي لاءِ جدوجهد ڪئي، اوچتو عدليه جي آزادي ياد اچڻ سواليه نشان آهي، ثاقب نثار وقت ڪنهن کي عدليه جي آزادي ڇو ياد نه آئي. هن چيو ته تحريڪ انصاف باني کي اهم ۽ سنگين ڪيسن ۾ عدالت مان رليف ملندو رهيو آهي. سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت ڪچي جي ڌاڙيلن ۽ اسٽريٽ ڪرائيم ۾ ملوث ڦورن جي خاتمي لاءِ سنجيده ڪوششون ڪري رهي آهي، هر شهري جي حفاظت حڪومت جي ذميواري آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
31.7 ° C
31.7 °
31.7 °
13 %
4.8kmh
0 %
ڇنڇر
31 °
آچر
31 °
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
34 °

تازه ترين خبرون