- Advertisement -
پاڪستان پيپلز پارٽي عام چونڊن لاءِ تياريون تيز ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سڄي ملڪ ۾ چونڊ مهم هلائيندو.
بلاول ڀٽو زرداري نومبر جي ٻئي هفتي ۾ خيبرپختونخوا جو دورو ڪري رهيو آهي.
پ پ چيئرمين بلاول زرداري پنجن ڏينهن جي دوري دوران خيبرپختونخوا ۾ سياسي سرگرميون ڪندو.
بلاول ڀٽو زرداري جي خيبرپختونخوا ۾ موجودگي دوران صوبي جي اهم شخصيتن جي پيپلز پارٽي ۾ شموليت جو به امڪان آهي.- Advertisement -
