تازه ترين

پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ نواز وچ ۾ اختلاف چوٽ چڙهي ويا، وزيراعظم مسلم ليگ نواز جي سينيئر اڳواڻن کي طلب ڪري ورتو

- Advertisement -
پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ نواز وچ ۾ اختلاف چوٽ چڙهي ويا، وزيراعظم شهباز شريف مسلم ليگ نواز جي سينيئر اڳواڻن کي طلب ڪري ورتو. وفاقي ڪابينا جي سينيئر ميمبرن جو اجلاس وزيراعظم هائوس ۾ ٿيندو، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي به اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي، وزيراعظم شهباز شريف سان الڳ ملاقات ڪري صدر آصف علي زرداري جو پيغام به پهچائيندو. مسلم ليگ نواز جا سينيئر اڳواڻ پيپلز پارٽي سان ڇڪتاڻ ختم ڪرڻ جي ڪوششن کان آگاهه ڪندا، پ پ جي مطالبن بابت به آگاهه ڪيو ويندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم شهباز شريف طرفان اڄ جي اجلاس کانپوءِ پيپلز پارٽي جي قيادت سان به رابطن جو امڪان آهي. ذريعن موجب پيپلز پارٽي کي پنجاب حڪومت جي وزيرن جي بيانن تي خدشا آهن، پيپلز پارٽي وزيراعليٰ مريم نواز کان معافي جو مطالبو ڪيو آهي. مسلم ليگ نواز جي اڪثريت ان مطالبي کي غير ضروري قرار ڏئي رهي آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
3 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
27.6 ° C
27.6 °
27.6 °
22 %
2.1kmh
0 %
آچر
32 °
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
32 °
خميس
32 °

تازه ترين خبرون