تازه ترين

پي آءِ اي جو معيار هڪ دفعو ٻيهر بحال ڪيو ويو آهي، قومي ايئر لائن جي بحالي پاڪستان لاءِ اهم اڳڀرائي آهي : خواجا آصف

- Advertisement -
پي آءِ اي پنجن سالن کانپوءِ  برطانيا لاءِ اڏامون بحال ڪري ڇڏيون، بچاءَ واري وزير خواجا آصف جو چوڻ آهي ته پي آءِ اي جو معيار هڪ دفعو ٻيهر بحال ڪيو ويو آهي، قومي ايئر لائن جي بحالي پاڪستان لاءِ اهم اڳڀرائي آهي، مانچسٽر لاءِ اڏام جي شروعات هڪ شاندار  اڳڀرائي ثابت ٿيندي. حڪومت جي هڪ وڏي ڪاميابي طور پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائنز اسلام آباد کان مانچسٽر تائين سڌي ريت اڏامن جي باضابطه شروعات ڪري ڇڏي اها اڳڀرائي ملڪ جي هوائي صنعت ۽ برطانيا سان ٻه طرفي لاڳاپن ۾ هڪ تاريخي ڪاميبي آهي. بچاءَ واري وزير خواجا آصف اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي ڪوٺايل تقريب ۾ افتتاحي اڏام جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي برطانيا جي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ، دفاع واري سيڪريٽري، ڊي جي سول ايوي ايشن  ۽ ٻيا موجود هئا. تقريب کي خطاب ڪندي خواجا آصف چيو ته هي قدم حڪومت طرفان قومي ادارن جي بحالي، عوامي سهولتن ۾ بهتري ۽ عالمي سطح تي پاڪستان جي هاڪاري ساک کي هٿي وٺرائڻ واري قدمن جو تسلسل آهي. بچاءَ واري وزير چيو ته اسلام آباد کان مانچسٽر سڌي ريت اڏامن جي شروعات ٻنهي ملڪن وچ ۾ رابطن جي نئين دور جي شروعات آهي، جيڪا اتي موجود پاڪستاني ڪميونٽي لاءِ وڏي سهولت فراهم ڪندي. خواجا آصف چيو ته پي آءِ اي جو معيار هڪ دفعو ٻيهر بحال ڪيو ويو آهي، قومي ايئر لائن جي بحالي پاڪستان لاءِ اهم اڳڀرائي آهي……
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
30.7 ° C
30.7 °
30.7 °
19 %
3.4kmh
0 %
آچر
31 °
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
34 °
خميس
29 °

تازه ترين خبرون