پي ٽي آءِ بانيءَ جهڙو ماحول  ٺاهيو آهي ان بعد ميثاق پارليامينٽ جو ڪو جواز ئي ناهي رهيو:خواجه آصف

- Advertisement -
بچاءَ واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته پي ٽي  آءِ جي اسلام آباد واري جلسي ۾ عليحدگي پسندن وارو ٻولي ڳالهائي وئي، ٽي آءِ بانيءَ جهڙو ماحول  ٺاهيو آهي ان بعد ميثاق پارليامينٽ جو ڪو جواز ئي ناهي رهيو، ان جو ذميوار پي ٽي آءِ باني آهي. قومي اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي بچاءَ واري وزير خواجه آصف چيو ته پي ٽي آءِ بانيءَ جهڙو ماحول  ٺاهيو آهي ان بعد ميثاق پارليامينٽ جو ڪو جواز ئي ناهي رهيو. هن چيو ته جيڪا اڳڪٿي ڪئي هئي اها سچ ثابت ٿي، بلاول ڀٽو زرداريءَ تجويز پيش ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڪميٽي جوڙي وئي، جڏهن ڪميٽيءَ جو ماحول ڏٺو ويو ته ان ڪميٽيءَ ۾ احتجاج ڪري واڪ آئوٽ ڪيو، اها ٻٽي پاليسي آهي، پي ٽي آءِ وارن جي ڪا به ساک ناهي. خواجه آصف چيو ته هاڻي ان ڪميٽيءَ جو ڪو به جواز نه ٿو رهي، ان جو ذميوار پي ٽي آءِ باني آهي. سندس چوڻ هو ته پي ٽي  آءِ جي اسلام آباد واري جلسي ۾ عليحدگي پسندن وارو ٻولي ڳالهائي وئي. بچاءَ واري وزير چيو ته يحيٰ خان کي  ايوب خان آرمي چيف ٺاهي، اهڙي شخص کي آرمي چيف بڻايو، جنهن ملڪ ٽوڙي ڇڏيو. خواجه آصف چيو ته بلاول ٺيڪ چيو ته پي ٽي آءِ بانيءَ کي سندس گهر جي ڪرپشن جا ثبوت ڏنا، جيڪڏهن ڪو ڪرپشن جا ثبوت ڏي ته ان تي الزام مڙهيا ويندا آهن. بچاءَ واري وزير چيو ته خبر ناهي جنرل فيض پي ٽي  آءِ بانيءَ لاءِ ڪهڙو گيت ڳائيندو  هوندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
22.7 ° C
22.7 °
22.7 °
31%
1.6m/s
0%
اربع
27 °
خميس
28 °
جمعو
29 °
ڇنڇر
30 °
آچر
31 °

تازه ترين خبرون