سپريم ڪورٽ مخصوص سيٽن واري ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن ۽ پي ٽي آءِ جي درخواستن تي وضاحت جاري ڪري ڇڏي

- Advertisement -
سپريم ڪورٽ مخصوص سيٽن واري ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن ۽ پي ٽي آءِ جي درخواستن تي وضاحت جاري ڪري ڇڏي، عدالت جو چوڻ آهي ته فيصلي تي عمل نه ڪرڻ جا سنگين نتيجا نڪرندا،  اليڪشن ڪميشن ان حڪم کي غير ضروري طور معاملي کي منجهايو ۽ وضاحت واري درخواست دير جو طريقو آهي، اليڪشن ڪميشن طرفان وضاحت گهرن حقيقت ۾ عدالتي فيصلي تي عمل ۾ رنڊڪ وجهڻ آهي، مونجهارا پيدا ڪرڻ جي ڪوشش کي سخت لفظن ۾ رد ڪيو وڃي ٿو، واضح ڪيو يو آهي ته فيصلي تي عمل نه ڪرڻ تي نتيجن کي منهن ڏيڻو پوندو. سپريم ڪورٽ جي اٺ رڪني بئنچ مخصوص سيٽن واري ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن ۽ پي ٽي آءِ جي درخواستن تي وضاحت جاري ڪئي. اڪثريتي فيصلو ڏيندڙ ججن  وضاحت ۾ چيو ته 12 جولاءِ جي فيصلي ۾ ڪو به مونجهارو ناهي،  اليڪشن ڪميشن ان حڪم کي غير ضروري طور ڏکيو بڻايو آهي. وضاحتي بيان ۾ چيو ويو ته فيصلي تي عمل نه ڪرڻ جا نتيجا سنگين هوندا، بئريسٽر گوهر کي پي ٽي آءِ جو چيئرمين ۽ عمر ايوب کي سيڪريٽري جنرل تسليم ڪيو ويو آهي. سپريم ڪورٽ طرفان وضاحتي بيان ۾ چيو ويو ته حاصل ڪيل سيٽ طوري طور ان پارٽيءَ جي حاصل ڪيل سيٽ تصور ڪئي ويندي، ڪو به بعد وارو عمل ان وقت جي لاڳاپيل تاريخن تي ٿيل معاهدا تبديل نٿو ڪري سگهي. وضاحت ۾ چيو ويو ته طئه ٿيل حيثيت موجب اهي ڪامياب ٿيل پي ٽي آءِ جا اميدوار هئا. ججن وضاحت ڪئي ته واضح معاملو ڏکيو بڻائڻ ۽  مونجهارو پيدا ڪرڻ واري ڪوشش رد ڪئي وڃي ٿي، ڪميشن ذريعي جاري ڪيل لسٽ رڳو انتظامي عمل آهي، مقصد سمورن لاڳاپايل ماڻهن کي ڄاڻ ۽ سهولت فراهم ڪرڻ آهي. وضاحت ۾ چيو ويو ته قانوني طور تي پابند ذميواري پوري ڪرڻ ۾ ناڪامي ۽ انڪار جا نتيجا نڪري سگهن ٿا، تنهن ڪري اليڪشن ڪميشن ذميواري فوري طور پوري ڪري. وضاحتي بيان  ۾چيو ويو ته اليڪشن ڪميشن تسليم ڪري چڪي آهي ته پي ٽي آءِ رجسٽرڊ سياسي پارٽي آهي، اليڪشن ڪميشن طرفان تحريڪ انصاف جي ميمبرن جو سرٽيفڪيٽ تسليم نه ڪرڻ غلط آهي. وضاحت موجب اليڪشن ڪميشن انهن قدمن تي آئيني ۽ قانوني نتيجن کي به منهن ڏئي سگهي ٿي، سرٽيفڪيٽ جمع ڪرائيندڙ سمورا ميمبر تحريڪ انصاف جا تصور  ٿيندا، فيصلو قومي ۽ صوبائي اسيمبلين تي به لاڳو ٿيندو. سپريم ڪورٽ جي ججن جي وضاحت موجب اليڪشن ڪميشن طرفان مونجهارا پيدا ڪرڻ جي ڪوشش کي سخت لفظن ۾ رد ڪيو وڃي ٿو، واضح ڪيو يو آهي ته فيصلي تي عمل نه ڪرڻ تي نتيجن کي منهن ڏيڻو پوندو. سپريم ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کي  فيصلي تي فوري طور عمل جي هدايت ڪئي. عدالت جو چوڻ هو ته چونڊ نشان کان محرومي ڪنهن سياسي پارٽيءَ جا حق ختم نٿي ڪري، پي ٽي آءِ سياسي پارٽي هئي ۽ آهي. وضاحت ۾ چيو ويو ته اليڪشن ڪميشن طرفان وضاحت گهرن حقيقت ۾ عدالتي فيصلي تي عمل ۾ رنڊڪ وجهڻ آهي، پارٽي چيئرمين کي تسليم ڪرڻ بعد اليڪشن ڪميشن پنهنجي موقف تان ڦري نٿي سگهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
22.6 ° C
22.6 °
22.6 °
35%
1.2m/s
0%
اڱارو
26 °
اربع
28 °
خميس
29 °
جمعو
29 °
ڇنڇر
30 °

تازه ترين خبرون