تازه ترين

پي ٽي آءِ بيٽ جي چونڊ نشان جي درخواست سپريم ڪورٽ مان واپس وٺي ڇڏي

- Advertisement -
تحريڪ انصاف بيٽ جي چونڊ نشان جي درخواست سپريم ڪورٽ مان واپس وٺي ڇڏي جنهن تي عدالت درخواست خارج ڪري ڇڏي. سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهيءَ ۾ 3 رڪني بينچ بيٽ جو نشان فراهم ڪرڻ لاءِ تحريڪ انصاف جي درخواست جي ٻڌڻي ڪئي. ڪيس جي ٻڌڻي شروع ٿيندي ئي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ بئريسٽر گوهر کان پڇاڻو ڪيو ته اوهان ڪير آهيو، حامد خان ڪٿي آهي؟ جنهن تي بئريسٽر گوهر چيو ته هو درخواست ڏيندڙ جو وڪيل آهي. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته حامد خان اوهان هڪ ڏينهن اڳ چيو هو ته اوهان وڪيل آهيو جنهن تي حامد خان چيو ته سندن ڪيس هن وقت پشاور هائيڪورٽ ۾ آهي. چيف جسٽس چيو ته اوهان بيٺا ناهيو، اهو ٻڌايو ته هن ڪيس ۾ اوهان وڪيل ناهيو؟ جنهن تي حامد خان چيو ته نه هو ڪيس ۾ وڪيل نه آهي. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته سڀاڻي ڪو اچي دعويٰ ڪري ته درخواست واپس ناهي ورتي ته پوءِ؟ علي ظفر ڪٿي آهي، کيس درخواست واپس وٺڻ تي ڪو اعتراض ناهي؟ جنهن تي حامد خان چيو ته علي ظفر کي ڪو اعتراض ناهي هو هن وقت پشاور هائيڪورٽ ۾ آهي. سپريم ڪورٽ پي ٽي آءِ طرفان درخواست واپس وٺڻ تي خارج ڪندي چيو ته تحريڪ انصاف جي ڪنهن وڪيل درخواست واپس وٺڻ تي اعتراض ناهي ڪيو..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
27.6 ° C
27.6 °
27.6 °
8 %
3.1kmh
0 %
اربع
36 °
خميس
36 °
جمعو
34 °
ڇنڇر
32 °
آچر
33 °

تازه ترين خبرون