- Advertisement -
صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته پي ٽي آءِ سينيٽ چونڊن جي بائيڪاٽ جو بهانو بڻائي رهي آهي، پي ٽي آءِ اڳواڻن رٽائرمينٽ فائل ڪرڻ بدران رڳو پريس ڪانفرنس ڪئي.
جاري ڪيل بيان ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پي ٽي آءِ هن وقت به چونڊون وڙهي رهي آهي، هنن رٽائرمينٽ فائل نه ڪئي آهي.
هن چيو ته پي ٽي آءِ وارا ڪنهن به صورت ۾ رٽائرمينٽ جا ڪاغذ جمع نه ڪرائيندا، ميڊيا حقيتن جي جاچ پڙتال ڪري پي ٽي آءِ جي ٻٽي معيار جي جاچ ڪري سگهي ٿي .
صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ هو ته پي ٽي آءِ باني رڳو ملڪ ۾ بدامني ۽ هٿ ٺوڪيا الزام لڳائڻ واري سياست چاهي ٿو …..- Advertisement -
