- Advertisement -
حڪومت پاڪستان تحريڪ انصاف سان ڳالهين بابت پنهنجي پاليسي واضح ڪري ڇڏي، سينيٽر عرفان صديقي جو چوڻ آهي ته ڳالهين جي دعوت ڏيڻ جي موسم ختم ٿي وئي آهي، پي ٽي آءِ کي هاڻي ڳالهين جي ڪا به آڇ نه ڪئي ويندي.
جاري ڪيل بيان ۾ عرفان صديقي چيو ته پي ٽي آءِ کي هاڻ نه ڳالهين جي آڇ ڪئي ويندي نه وري دعوت ڏئي رهيا آهن، ڳالهين جا دروازا کليل رکڻ جو مطلب دعوت ڏيڻ ناهي.
هن چيو ته ڳالهين جا دروازا بند نه ڪرڻ جو اهو مقصد ناهي ته هو انتظار ڪري رهيا آهن، هاڻ تحريڪ انصاف تي آهي ته اها ڪهڙي ڏينهن سنجيده ۽ نتيجا ڏيندڙ ڳالهيون ڪرڻ چاهي ٿي.
سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ کي تماشي لاءِ نه پر نتيجا ڏيندڙ ڳالهين لاءِ اچڻ گهرجي، جڏهن تحريڪ انصاف جي جلسن، هنگامن ۽ ڌرڻن کان دل ڀرجي وڃي ته پوءِ ڳالهين لاءِ اچي.
عرفان صديقي چيو ته پي ٽي آءِ جي قيادت بيوس آهي، ڪهڙي ڳالهه تي باني جو ڪهڙو موقف هوندو ان تي کيس به يقين ناهي هوندو.
هن چيو ته پي ٽي آءِ باني هاڻي خطن جو ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪري ڇڏيون آهن، ٻڌو آهي ته هاڻ ٽيون خط به لکيو پيو وڃي، سويلين جي بالادستي ڪڏهن به باني جو مقصد ناهي رهي.- Advertisement -
