- Advertisement -
پ پ اڳوڻ ۽ اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته نواز شريف بدلي جي باهه ۾ ڀڙڪي رهيو آهي، دشمنيون نڀائڻيون آهن ته غريب ماڻهن جو ڇا ٿيندو، سنڌ ۽ بلوچستان مان مسلم ليگ ن جو وجود ئي ختم ٿي چڪو آهي، ماڻهن کي مسلم ليگ ن جو پاليسيون پسند نه آهن، دنيا کي خبر آهي ته بينظير ڀٽو ٿر ڪول منصوبو شروع ڪيو ۽ مسلم ليگ ن بند ڪيو، ليگي قيادت گهرن ۾ ويٺل آهي ۽ ٻاهر نڪرڻ لاءِ تيار ناهي.
ڪراچيءَ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته مسلم ليگ نون وارا اڃا تائين گهر ۾ ويٺا آهن ٻاهر ناهن ڪري رهيا، جيڪو ڪم ناهي ڪيو مسلم ليگ نون وارا ان جو ڪريڊٽ کڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.
سندس چوڻ هو ته ن ليگ وارا ايٽمي طاقت جو ڪريڊٽ به کڻي رهيا آهن، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ملڪ کي ايٽمي طاقت ڏني، جيڪو ڪم نه ڪيو هجي ان جو ڪريڊٽ کڻڻ دوکي بازي آهي.
پ پ اڳواڻ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ن ليگ وارا ٿرڪول پراجيڪٽ کي به پنهنجي ڪمن ۾ شامل ڪري رهيا آهن، دنيا کي خبر آهي ته بينظير ڀٽو ٿر ڪول منصوبو شروع ڪيو ۽ مسلم ليگ ن بند ڪيو.
هن چيو ته اوهان عوام کي بيوقوف بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيو، ن ليگ جيڪي ٻه چار روڊ پنهنجي پاڙي ۾ ٺاهيا آهن انهن جو ذڪر ڪري، شڪر آهي اهو ڪريڊٽ اوهان نه کنيو ته پاڪستان به اوهان ٺاهيو هو.
اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پيپلز پارٽي واحد پارٽي آهي جيڪا اليجشن ۾ وڃڻ لاءِ سنجيده آهي، تحريڪ انصاف ۽ مسلم ليگ نون اليڪشن کان ڀڄي رهيا آهن.
شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پي ٽي آءِ ۽ ن ليگ جي معاشي پاليسي سبب معيشيت تباهه ٿي، 16 مهينن ۾ مسلم ليگ نون جي پاليسي سبب معيشيت جو ٻيڙو ٻڏي ويو.
پ پ اڳواڻ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته هن وقت اليڪشن ۾ مقابلو لاڏالو هڪ ۽ لاڏلو 2 ۾ آهي، هر سياسي پارٽي کي چونڊن ۾ ڀرپور حصو وٺڻ جي اجازت هئڻ گهرجي.
سندس چوڻ هو ته تحريڪ انصاف جو باني بدلي جي باهه ۾ جيل ۾ آهي جڏهن ته نواز شريف بدلي جي باهه ۾ سياست ڪري رهيو آهي، پ پ چيئرمين اهڙي پراڻي طريقي جي سياست جو خاتمو چاهي ٿو.
پ پ اڳواڻ ۽ اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪجهه ماڻهن کي هاڻي تحريڪ انصاف جي باني تي رحم اچڻ شروع ٿي ويو آهي، اڄ ماڻهن کي پي ٽي آءِ باني معصوم نظر اچي رهيو آهي، ملڪ جو عوام چاهي ٿو ته مسئلا حل ڪيا وڃن ماڻهن جا مسئلا حل ڪير ڪندو- Advertisement -
