- Advertisement -
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اڄ ميهڙ ۾ جلسي کي خطاب ڪندو.
اڳوڻو پرڏيهي وزير ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ميهڙ ۾ مين انڊس هاءِ روڊ تي هوٽل ڀرسان پ پ جي صوبائي تڪ 81 تي اميدوار فياض علي ٻٽ ۽ ٻين اميدوارن جي ڪاميابي جي لاءِ جلسي کي خاطب ڪندو.
جلسي کي پ پ سنڌ جو صدر نثار کهڙو، دادو ضلعي جو صدر رفيق جمالي، فياض علي ٻٽ، اڳوڻي ايم اين اي مسرت رفيق مهيسر، امتياز پاشا ٻٽ، محمود علي مهيسر ۽ ٻيا اڳواڻ پڻ خطاب ڪندا.
ذريعن موجب جي ڊي اي اڳواڻ اڳوڻي وفاقي وزير لياقت علي جتوئي جا ويجها ساٿي پ پ ۾ شموليت جو اعلان ڪندا.
جي ڊي اي ۽ لياقت علي جتوئي کي ڇڏيندڙن ۾ يوسي چيئرمين، وائيس چيئرمين، ڪائونسلر ۽ مختلف برادرين جا چڱا مڙس پ پ ۾ شموليت جو اعلان ڪندا.
ٻئي پاسي جلسي لاءِ ميهڙ جي تاريخ جي سڀ کان وڏي اسٽيج تيار ڪئي وئي آهي جنهن کي پ پ، پيپلز يوٿ، سپاف جي جهنڊن پينا فليڪس سان سينگاريو ويو آهي.- Advertisement -
