- Advertisement -
پاڪستان، عراق ۽ شام ۾ ايران جي حملن جي امريڪا طرفان سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي آهي.
امريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿيو ملر چيو ته ايران ٽن پاڙيسري ملڪن جي خودمختيار سرحدن جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي.
ميٿيو ملر جو چوڻ آهي ته هڪ طرف ايران خطي ۾ دهشتگردي ۽ عدم استحڪام جو سڀ کان وڏو اسپانسر آهي ۽ ٻئي طرف اها دعويٰ ڪري ٿو ته ان کي دهشتگردي جي خاتمي لاءِ قدم کڻڻ گهرجن.
آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان وڌيڪ چيو ته چين علائقائي استحڪام برقرار رکڻ لاءِ ايران-پاڪستان جو به مطالبو ڪيو آهي.
واضح رهي ته ان کان اڳ چين جي پرڏيهي وزارت طرفان جاري ڪيل بيان ۾ ايران ۽ پاڪستان کي تحمل کان ڪم وٺڻ جي اپيل ڪئي وئي هئي……..- Advertisement -
