- Advertisement -
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ۽ قانون واري وفاقي وزير، اعظم نذير تارڙ ملاقات ڪئي، جنهن دوران ججن بابت آئيني ترميم جي منظوري سميت ٻين معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون آهن.
نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ۽ قانون واري وفاقي وزير، اعظم نذير تارڙ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان پارليامينٽ هائوس ۾ سندس چيمبر ۾ ملاقات ڪئي.
ملاقات ۾ خورشيد شاهه ۽ نويد قمر به موجود هئا.
ملاقات دوران ججن بابت آئيني ترميم جي منظوري سميت ٻين معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، مولانا فضل الرحمان سان ٿيل ملاقات بابت اتحادي اڳواڻن کي اعتماد ۾ ورتو.
اسحاق ڊار جو چوڻ آهي ته قانونسازي لاءِ حڪومت وٽ نمبر پورا آهن، آئيني ترميمن بابت فيصلو ڪميٽي ڪندي.- Advertisement -
