ٿاڻي بولاخان ۾ پوليس ايراني 6ھزار لٽر ڊيزل، 4ڪلو چرس ھٿ ڪري ڇھن جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آھي.
پوليس ڳجھي اطلاع تي تونگ ۽ گل شاھھ سري لنڪ روڊن تي چيڪنگ دوران ڇھھ ھزار لٽر ايراني ڊيزل، 4ڪلو چرس ھٿ ڪري 6 جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي.
سرڪار جي فرياد تي گرفتار ڪيل جوابدارن پرويز بلوچ، نسيم بروھي، احمد نواز بروھي، عادل بلوچ، حميد الله ۽ علينواز بروھي تي ڪيس داخل ڪيو.
ايس ايڇ او ٿاڻو بولا خان قربان قمبراڻي ٻڌايو ته ايراني ڊيزل سان ڀريل ٽن گاڏين کي تحويل ۾ ورتو، ڪيس داخل ڪري جوابدارن کان وڌيڪ پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي. ايس ايڇ او ٿاڻو بولاخان جو چوڻ ھو تھ ھٿ ڪيل ايراني ڊيزل ۽ چرس جي ماليت30 لک رپين کان وڌيڪ آھي.
