تازه ترين

ملڪ کي آءِ ايم ايف حوالي ڪيو ويو آهي، غلامي هاڻي وڌيڪ نه هلندي: مولانا فضل الرحمان

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته چونڊون نه آهن، ڏسڻو آهي ته ملڪ کي ڪيئن برقرار رکيو وڃي،  پاڪستان تي اسرائيل کي قبول ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وڌو پيو وڃي،  ملڪ کي آءِ ايم ايف حوالي ڪيو ويو آهي، غلامي هاڻي وڌيڪ نه هلندي.

خوشاب ۾ جلسي کي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته هر ڪجهه مهينن کانپوءِ آءِ ايم ايف نئون معاهدو ڪري ٿي ۽ پنهنجن شرطن تي امداد توڙي قرض ڏنا وڃن ٿا، عالمي ادارن جو ڪنهن ٻئي ملڪ تي دٻاءُ ناهي.

هن چيو ته ٽن ورهين کان هنن آءِ ايم ايف کي ملڪ وڪرو ڪيو آهي،  ملڪ ۾ مافيائون ڊالرن جو استعمال ڪن ٿيون، نشاني تي رڳو سياستدان هوندا آهن.

جي يو آءِ سربراهه چيو ته اسرائيل کي تسليم ڪرڻ جو دٻاءُ رڳو  پاڪستان تي آهي، فلسطين کي تسليم ڪرڻ واري ڳالهه ڪيڏانهن وئي؟

مولانا فضل الرحمان چيو ته اسلامي دنيا جا سربراهه ٻڌائن ته فلسطين جي معاملي تي سندن موقف ڪٿي دفن ٿي ويو؟ جي يو آءِ سربراهه چيو ته جيستائين قرآن ۽ سطنت تي عمل نه ٿيندو تيستائين خوشحالي نه ايندي.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
22.5 ° C
22.5 °
22.5 °
28 %
2.2kmh
0 %
آچر
34 °
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
32 °
خميس
32 °

تازه ترين خبرون