- Advertisement -
ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي طرفان وزيراعظم شهباز شريف کي عهدو سنڀالڻ جون واڌايون ڏنيون ويون آهن.
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس تي نريندر مودي پاران جاري ڪيل پيغام ۾ شهباز شريف کي وزيراعظم جي عهدي جو قسم کڻڻ تي مبارڪون ڏنيون ويون آهن.
جاري ڪيل پنهنجي پيغام ۾ نريندر مود وزيراعظم شهباز شريف لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي.
ان کان اڳ فلسطين، ترڪي ۽ چين جي صدرن پاران به شهباز شريف کي وزيراعظم چونڊجڻ تي مبارڪبون ڏنيون ويون آهن.
نئين چونڊيل وزيراعظم شهباز شريف مختلف ملڪن سان لاڳاپا بهتر ڪرڻ جو عزم ڪيو آهي.- Advertisement -
