تازه ترين

ڀارت افغان ڌرتي تان پاڪستان خلاف جنگ ڪري رهيو آهي: بچاءَ واري وزير خواجه آصف

- Advertisement -
بچاءَ واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته ڀارت افغان ڌرتي تان پاڪستان خلاف جنگ ڪري رهيو آهي، طالبان ڀارت جي پراڪسي بڻيل آهن، نئين دهلي ۽ افغان طالبان وچ ۾لاڳاپن جا ثبوت آهن، هڪ افغان وزير جي ڀارت ۾ موجودگي دوران افغان طالبان پاڪستان تي حملو ڪيو، پاڪستان ڀارت کي جنگ شڪست ڏئي 7 جهاز تباهه ڪيا، آمريڪي صدر به جهاز تباهه ٿيڻ جو ذڪر ڪري چڪو آهي. العربيه کي انٽرويو ڏيندي خواجا آصف چيو ته طالبان ڀارت جي پراڪسي بڻيل آهن، ڀارت افغان ڌرتي تان پاڪستان خلاف گهٽ ڇڪتاڻ جي جنگ ڇيڙي رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته نئين دهلي ۽ افغان طالبان وچ ۾لاڳاپن جا ثبوت آهن، جڏهن طالبان جو هڪ وزير ڀارت ۾ هو ان وقت پاڪستان ۽ افغانستان ۾ چڪريون ٿيون. بچاءَ واري وزير چيو ته افغان طالبان جي اڳرائي جو پاڪستان ڀرپور جواب ڏنو، افغان طالبان سان چڪرين ۾ سندن ڪيترائي جوان به شهيد ٿي ويا. خواجا آصف چيو ته ڪجهه مهينا اڳ ڀارت کي جنگ ۾ شڪست ڏني، جنگ ۾ ڀارت جا 7 جهاز ڪيرايا ويا ۽ ان ڳالهه جو ذڪر آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ به ڪيترائي ڀيرا ڪري چڪو آهي. هن چيو ته آمريڪي صدر اربع ڏينهن به ان ڳالهه جو ذڪر ڪيو ته پاڪ ڀارت جنگ ۾ ست نوان ۽ خوبصورت جهاز ڪيرايا ويا. بچاءَ واري وزير چيو ته جيڪڏهن افغان ڌرتي پاڪستان خلاف دهشتگردي لاءِ استعمال ڪئي وئي ته اسلام آباد خاموش نه رهندو. خواجا آصف چيو ته پاڪستان هميشه امن جي خواهش رکي پر جيڪڏهن ڪابل ٽڪراءَ جو رستو اختيار ڪيو ته پاڪستان جواب ڏيڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿو………
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
22 ° C
22 °
22 °
29 %
2.6kmh
0 %
ڇنڇر
21 °
آچر
31 °
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
31 °

تازه ترين خبرون