- Advertisement -
پاڪستان ميزبانن جي درخواست تي افغان طالبان سان ٻيهر ڳالهيون ڪرڻ تي راضپو ظاهر ڪري ڇڏيو.
ذريعن موجب، پاڪستاني وفد استنبول مان ڏيهه واپسي لاءِ تيار هو هاڻي وڌيڪ ترسندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ميزبانن جي درخواست تي افغان طالبان سان ٻيهر ڳالهيون ڪرڻ تي رضامندي ظاهر ڪئي آهي.
پاڪ افغان ڳالهين بابت ذريعن موجب، ڳالهين جي عمل کي ٻيهر جاري رکي امن کي هڪ ٻيو موقعو ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته هن ڀيري به ڳالهيون پاڪستان جي ساڳئي مطالبي تي ٿينديون، افغانستان دهشتگردن خلاف واضح، تصديق جوڳي ۽ هاڪاري ڪارروائي ڪري.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان هڪ ڀيرو ٻيهر زور ڀريو آهي ته افغان ڌرتي پاڪستان خلاف دهشتگردي لاءِ استعمال نه ٿئي
- Advertisement -
