- Advertisement -
بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته ڀارت ڪشمير معاملي تي لچڪ ڏيکاري ته واپاري لاڳاپا بحال ٿي سگهن ٿا.
خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته جيستائين ڀارت ۾ اليڪشن نه ٿيندي، تيستائين نه پاڪستان، نه وري ڀارت واپار شروع ڪندو.
ايران اسرائيل ڇڪتاڻ تي ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته اسرائيل طرفان هڪ خودمختيار ملڪ جي سفارتخاني تي حملو ڪيو ويو، جنهن ۾ ايران جا سينيئر فوجي آفيسر شهيد ٿيا آهن، ايران جوابي ڪارروائي جو حق رکي ٿو.
هن چيو ته جيڪو ڪجهه ٿئي پيو اهو فلسطين سان سان گڏ بيهڻ جي ڪري ٿي رهيو آهي، هو نٿا چاهيون ٿا ته فلسطين ۾ ڇڪتاڻ وڌي، رتوڇاڻ بند ٿيڻ گهرجي.
خواجا آصف چيو ته ايران جو اسرائيل تي حملو هڪ علامتي رد عمل هو، جنهن جي نتيجي ۾ اسرائيل جي دفاعي هنڌن تي معلومات ايران کي ملي وئي آهي ۽ پوري اسرائيل جي ميپنگ ٿي وئي آهي، اسرائيل ايران تي حملو ڪيو ته اسرائيل جو وڏو نقصان ٿيندو.
سندس چوڻ هو ته اسرائيل ۽ ايران وچ ۾ جنگ جو اثر پوري دنيا ۾ ويندو، جيڪي وڏا ملڪ اسرائيل جي پٺڀرائي ڪري رهيا آهن اها باهه انهن کي به وڪڙ ۾ آڻي ڇڏيندي، جنگ جا اثر پاڪستان تي به پوندا.
خواجا آصف چيو ته پاڪستان فلسطينين سان گڏ بيٺا آهن، پاڪستان فلسطينين جي آزادي لاءِ دعاڳو آهي، پاڪستان تي اسرائيل کي تسليم ڪرڻ جو ڪو دٻاءُ ناهي.- Advertisement -
