- Advertisement -
پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري چيو آهي ته پيٽروليم شين جي اگهن ۾ گهٽتائي جو فائدو عوام کي ملي رهيو آهي، مهانگائي تي ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، بصر، ٽماٽي ۽ ٻين سبزين جا اگهه به گهٽ ڪيا ويا آهن، فوج ۽ ادارن خلاف منظم مهم هلائي پئي وڃي.
لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عظميٰ بخاري چيو ته تحريڪ انصاف باني ملڪ خلاف سازش ڪري رهيو آهي، سندس ملڪ دشمني بابت ڪميشن ٺهڻ گهرجي.
سندس چوڻ هو ته ملڪ ۾ ٻن قسمن جي سياست ٿي رهي آهي، جڏهن پنجاب جي وزيراعليٰ قسم کنيو هو ته اٽي جو ٿيلهو 28 سئو رپيا هو، اڄ اٽي جو 20 ڪلو وارو ٿيلهو 16 سئو رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي، پي ٽي آءِ فتني فساد واري پارٽي مهانگائي ۾ گهٽتائي تي گوڙ ڪري رهي آهي.
پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري چيو ته مخصوص پارٽي طرفان ڊجيٽل دهشتگردي ڪئي پئي وڃي، فوج ۽ ادارن خلاف منظم طريقي سان سازش ٿي رهي آهي، پي ٽي آءِ جو باني نفرت پکيڙي رهيو آهي، سندس دماغ ۾ 9 مئي جهڙو ٻيو منصوبو آهي.
هن چيو ته تحريڪ انصاف باني جي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي اڃا به1971ع جي تڪراري وڊيو موجود آهي، تشدد ۽ ڏڦيڙ پي ٽي آءِ باني جي ذات جو حصو آهي.
پنجاب جي اطلاعات واري وزير چيو ته تحريڪ انصاف پنهنجي دور ۾ حمود الرحمان ڪميشن جي رپورٽ جو ذڪر ڇو نه ڪيو؟، پي ٽي آءِ ترجمان رئوف حسن صوبن کي هڪ ٻئي خلاف بيهارڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.
عظميٰ بخاري چيو ته پي ٽي آءِ باني ٻين جي ٻارن کي ڏڦيڙ لاءِ استعمال ڪري رهيو آهي، هو جيڪو موقف اختيار ڪندو آهي، ان تي ماڻهو عمل ڪرڻ لڳندا آهن، والدين کي اپيل آهي ته پنهنجن ٻارن کي ڪريل مقصدن لاءِ استعمال ٿيڻ نه ڏين.- Advertisement -
