- Advertisement -
ڀرياروڊ ڀرسان نصرت ڪينال ٻڏي ويل نوجوان ھٿ نه اچي سگھيو، نوجوان جي وارثن پاران انتظاميا خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.
نوجوان رضا عرف ڪوڙو ڀٽو جي وارثن ۽ شھرين پاران نصرت ڪينال تي انتظاميا خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي.
ان سلسلي ۾ ٻڏي ويل نوجوان جي وارثن ٻڌايو ته رضا ڀٽو ۽ ذيشان سپرا 5 ڪلاڪ اڳ موٽرسائيڪل سميت نصرت ڪينال ۾ ٻڏي ويا، جنهن مان ھڪ نوجوان ذيشان کي مقامي ماڻهن بچائي ورتو، جڏهن ته نوجوان رضا ڀٽو اڃا تائين ھٿ ناھي اچي سگھيو.
نوجوان رضا ڀٽو جي وارثن ڊي سي نوشھروفيروز ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان گهر ڪئي سرڪاري ٽوٻا گھرائي نوجوان جي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي.- Advertisement -
