ڄامشورو ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس پاران منشيات وڪرو ڪندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري

- Advertisement -
ڄامشورو ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس پاران منشيات وڪرو ڪندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري آهي، جڏهن ته ستن منشيات وڪرو ڪندڙن کي گرفتار ڪري منشيات ۽ هٿيار هٿ ڪري ڌار ڌار ڪيس داخل ڪيا ويا. ڊي ايس پي ڪوٽڙي شاهنواز جوکيو جي اڳواڻي ۾ پوليس، ڪوٽڙي سائيٽ، ڄامشوري، ڪوٽڙي سٽي ۽ ٻڍاپور واري علائقي ۾ منشيات وڪرو ڪندڙن خلاف ڪارروايون ڪيون. پوليس ڪاررواين دوران شروع ڪندي ستن منشيات وڪرو ڪندڙن کي گرفتار ڪري ورتو. پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدارن ۾ ريحان علي برفت، نثار جانوري، عباس انصاري، روشن انصاري، سهيل ٻٻر، ابرار جتوئي ۽ ٻيا شامل آهن. پوليس موجب، گرفتار جوابدارن وٽان ساڍا پنج ڪلو چرس، آئيس، مين پڙي، نشي واريون سوپاريون ۽ هڪ پسٽل هٿ ڪري ڌار ڌار ڪيس داخل ڪيا ويا. ايس ايس پي ڄامشورو محمد ظفر صديق ڇانگا جو چوڻ آهي ته آءِ جي سنڌ ۽ ڊي آءِ جي حيدرآباد جي خاص هدايت تي ضلعي ۾ منشيات وڪرو ڪندڙن ۽ ڏوهارين خلاف ڪريڪ ڊائون جاري آهي، ضلعي مان منشيات جو مڪمل خاتمو آڻي، سک جو ساھه کڻندا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
28.2 ° C
28.2 °
28.2 °
13%
3.3m/s
0%
سُومر
29 °
اڱارو
28 °
اربع
28 °
خميس
29 °
جمعو
29 °

تازه ترين خبرون