- Advertisement -
مسلم ليگ نون اڳواڻ عظميٰ بخاري چيو آهي ته هو عوام جي خدمت لاءِ مريم نواز جي قيادت ۾ ڪم ڪندا، اڄ پنجاب جي تاريخ جو اهم ڏينهن آهي، عوام کي رليف پهچائڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪندا، مهانگائي گهٽ ڪرڻ ۽ روزگار جي فراهمي سندن منشور آهي.
پنجاب اسيمبليءَ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي عظميٰ بخاري چيو ته ن ليگ دور ۾ ڪوبه سياسي قيدي نه هوندو، جن ماڻهن 9 مئي جا واقعا ڪيا اهي سياسي قيدي ناهن.
سندس چوڻ هو ته ڪور ڪمانڊر هائوس ساڙڻ وارن کي معاف ڪرڻ جي قانون ۾ گنجائش ناهي، 9 مئي جي واقعن ۾ ملوث ماڻهن کي ڪير به معاف نه ڪندو.
مسلم ليگ نون اڳواڻ عظميٰ بخاري چيو ته مريم نواز روايتي وزيراعليٰ نه هوندي، سندس سوچ مختلف آهي، عوام کي رليف ڏنو ويندو، مريم نواز رمضان پيڪيج جو اعلان ڪندي، اوهان کي ڪم ٿيندي نظر ايندو.
هن چيو ته مريم نواز جي قيادت ۾ نياڻين تي تيزاب گردي جي واقعن کي ختم ڪيو ويندو، مريم نواز عام ماڻهو جي زندگي ۾ بهتري آندي.
مسلم ليگ نون اڳواڻ عظميٰ بخاري چيو ته هنن هميشه مخالف ڌر کي گڏ کڻي هلڻ جي ڳالهه ڪئي آهي، مريم نواز سندن ريڊ لائن آهي، ڪو بدتميزي ڪندو ته کين بچاءُ ڪرڻ ۽ جواب ڏيڻ ايندو آهي.- Advertisement -
