تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سانگهڙ ويجهو زال مڙس مٺڙائو ڪينال ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو

- Advertisement -
سانگهڙ ويجهو زال مڙس مٺڙائو ڪينال ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو، سيد فدا حسين شاهه جو لاش هٿ، سندس گهرواري مهرالنشاءَ جي ٽوٻن پاران ڳولا ڪئي پئي وڃي. رات دير سان ٽنڊو مٺاخان واسي سيد فدا حسين شاهه پنهنجي گهرواري مھرالنسا، ٻن ٻارن سان گڏ ٽنڊي آدم کان واپس ڳوٺ وڃي رهيو هو ته رستي ۾ زال مڙس ۾ جھيڙو ٿي پيو. مهرالنساءَ ڪار مان لهي پهريان ڪينال ۾ ٽپو ڏنو، جڏهن ته سيد فدا حسين شاهه کيس بچائڻ لاءِ پويان ٽپو ڏنو. اطلاع ملڻ تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ڪينال جي ڪناري بيٺل ڪار مان ٻن ٻارن 7 ورهين جي رقيه شاهه ۽ ڇهن ورهين جي راضي شاهه کي هٿ ڪري ورتو. پوليس جو چوڻ آهي ته 32 ورهين جي  فدا حسين شاهه جو لاش هٿ ڪيو ويو آهي جڏهن ته 25 ورهين جي مھرالنسا جي ٽوٻن جي مدد سان ڳولا ڪئي پئي وڃي. پوليس موجب، سيد فدا حسين شاهه ٽنڊي آدم مان روحاني علاج ڪرائڻ بعد پنهنجي گهر ٽنڊو مٺاخان خان وڃي رهيو هو ته رستي ۾ واقعو پيش آيو وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي. مهرالنساءَ جي سئوٽ محمد علي ٻڌايو ته فدا حسين شاهه ۽ سندس گهرواري ٽنڊي آدم مان ڪنهن فقير کان تعويذ ڪرائي آيا هئا، فقير چيو هو ته تعويذ پاڻي ۾ اڇلائڻا آهن، ٻنهي تعويذ مٺڙائو ڪينال ۾ اڇلايا. هن چيو ته تعويذ اڇلائڻ دوران فدا حسين شاهه گهرواري کي مذاق ۾ چيو ته 12 مهينا بيمار آهي هو رات جو به رلن پيا، جنهن تان مهرالنساءَ ڪاوڙجي ڪينال ۾ ٽپو ڏنو ته فدا حسين به ٽپو ڏنو. مهرالنساءَ جي سئوٽ چيو ته افسوس آهي ته هن وقت تائين سرڪاري ڪي به اپاءَ ناهن ورتا هو پنهنجي مدد پاڻ تحت ڳولا ڪري رهيا آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.8 ° C
23.8 °
23.8 °
27 %
1.3kmh
10 %
خميس
24 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
31 °
آچر
28 °
سُومر
27 °

تازه ترين خبرون