- Advertisement -
چوماسي جو طاقتور سسٽم اڄ ملڪ ۾ داخل ٿيڻ جو امڪان آهي، جنهن سبب راڄڌاني ڪراچي سميت سنڌ ۾ اڄ کان 29 آگسٽ تائين تيز برساتن جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي، ميئر ڪراچي ميونسپل سروسز کي هاءِ الرت رهڻ جي هدايت ڪئي آهي.
موسميات کاتي، سنڌ ۽ بلوچستان جي مهاڻن کي 27 کان 30 آگسٽ تائين سمنڊ ۾ نه وڃڻ جو مشورو ڏنو آهي.
ڪراچيءَ ۾ برساتن جي اڳڪٿي کي نظر ۾ رکندي هنگامي حالتون لاڳو ڪري مڪاني ادارن جي ملازمن جون موڪلون رد ڪيون ويون.
ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب ميونسپل سروسز کي هاءِ الرت رهڻ جي هدايت ڪئي آهي.
پي ڊي ايم اڄ کان پنجاب ۾ به وڌيڪ چوماسي جي برسات جو الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي.
لاهور، گجرانوالا، راولپنڊي، ملتان، فيصل آباد، ساهيوال ۽ گجرات ۾ برساتن جو امڪان آهي، جڏهن ته ڊيرا غازي خان، ملتان ۽ بهاولپور ڊويزن ۾ چوماسي جي برسات ۽ ٻوڏ جو خدشو آهي………………- Advertisement -
