چيف اليڪشن ڪمشنر نااهلي ۽  بدنظمي تي سنڌ جي اليڪشن ڪمشنر سميت ٽن آفيسرن کي 120 ڏينهن لاءِ معطل ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا نااهلي ۽  بدنظمي تي سنڌ جي اليڪشن ڪمشنر سميت ٽن آفيسرن کي 120 ڏينهن لاءِ معطل ڪري ڇڏيو. اليڪشن ڪميشن پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، معطل ٿيل آفيسرن ۾ سنڌ جي صوبائي اليڪشن ڪمشنر شريف الله، ڊائريڪٽر ايڊمن حسين ۽ ڪراچي جي اليڪشن ڪشمنر خدا بخش شامل آهن. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ووي آهي ته ٽئي آفيسر انڪوائري مڪمل ٿيڻ ۽ ايندڙ حڪمن تائين ڪراچي ۾ رهندا، جڏهن ته جوائنٽ صوبائي اليڪشن ڪمشنر علي اصغر سيال کي وقتي اليڪشن ڪمشنر سنڌ مقرر ڪيو ويو آهي. اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته 17 سيپٽمبر جي رات ڪراچي جي علائقي پپري ۾ اسٽرانگ روم جي تالن کي زبردستي ٽوڙي مختلف پولنگ اسٽيشنن جي ڪيترن ئي بيگز کي نقصان پهچايو ويو، جنهن جي جاچ لاءِ ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي. نوٽيفڪيشن موجب، انڪوائري ڪميٽي ۾ جوائنٽ صوبائي اليڪشن ڪمشنر سنڌ نظر عباس، ڊائريڪٽر وسيم احمد ۽ آر اي سي لاڙڪاڻو عبدالوحيد شامل آهن، ڪميٽي ٽن ڏينهن ۾ جاچ مڪمل ڪري پنهنجي رپورٽ ڏيندي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.5 ° C
23.5 °
23.5 °
35%
2.2m/s
0%
اڱارو
23 °
اربع
28 °
خميس
29 °
جمعو
28 °
ڇنڇر
27 °

تازه ترين خبرون