- Advertisement -
اسپيڪر طرفان اليڪشن ڪميشن کي لکيل خط کانپوءِ پارٽي پوزيشن ۾ تبديلي ڪئي وئي، تحريڪ انصاف جو قومي اسيمبليءَ مان هڪ دفعو ٻيهر خاتمو ٿي ويو آهي.
قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ نئين پارٽي پوزيشن جاري ڪري ڇڏي.
نئين پارٽي پوزيشن ۾ قومي اسيمبلي مان پي ٽي آءِ جو وجود ختم ٿي ويو آهي.
سمورن 80 ميمبرن کي سني اتحاد ڪائونسل جو ميمبر ظاهر ڪيو ويو آهي.
پارٽي پوزيشن ۾ مسلم ليگ نواز، پيپلز پارٽي ۽ جي يو آءِ کان واپس ورتل سيٽن جو به ذڪر ڪيو ويو آهي.
قومي اسيمبلي ۾ مسلم ليگ نواز جون 110، پيپلز پارٽي جون 69، سني اتحاد ڪائونسل جو 80 ۽ ايم ڪيو ايم جون 22 سيٽون آهن.
پارٽي پوزيشن ۾ جي يو آءِ ف ۽ آزاد اميدوارن جون 8-8، ق ليگ جون 5، آءِ پي پي جون 4، پي ڪي ميپ، بي اين پي مينگل ۽ ايم ڊبليو ايم جي هڪ هڪ سيٽ آهي، هڪ آزاد اميدوار مسلم ليگ ن ۾ شموليت اختيار ڪئي آهي.
اليڪشن ايڪٽ تي عملدرآمد جي صورت ۾ 23 مخصوص سيٽون ن ليگ، پيپلز پارٽي ۽ جي يو آءِ کي مليون آهن.
مسلم ليگ ن کي 15، پيپلز پارٽي کي 5 ۽ جي يو آءِ کي 3 مخصوص سيٽون مليون آهن…..- Advertisement -
