- Advertisement -
آءِ سي سي مينز ٽي 20 ورلڊ ڪپ جو نائون ايڊيشن ڀرپور انداز ۾ جاري آهي جتي اڄ 2 ميچون کيڏيون وينديون، پهرين ميچ ۾ دفائي چيمپئن انگلينڊ، اسڪاٽ لينڊ خلاف بارباڊوس ۾ ورلڊ ڪپ 2024 جي پهرين ميچ کيڏندي،
انگلينڊ وٽ ڪيريبين جون خوشگوار يادون آهن، جتي هنن 2010 ۾ پهريون ڀيرو پال ڪالنگوُڊ جي ڪپتاني ۾ ICC مينز T20 ورلڊ ڪپ جي ٽرافي کٽي هئي
هميشه وانگر هن ڀيري به انگلش اسڪواڊ مضبوط بيٽنگ لائين تي ٻڌل آهي. جيڪڏهن ڳالھه ڪيون فِل سالٽ ۽ ول جيڪس جي جيڪي 2024 انڊين ٽي 20 ليگ ۾ پنهنجن لاڳاپيل فرنچائزز لاءِ شاندار پرفارمنس ڏئي ڪري آيا آهن. انهن سان گڏ تازو ئي ڪپتان جوز بٽلر ۽ جوني بيئرسٽو، پاڪستان خلاف ٽي 20 سيريز دوران پنهنجو فارم ٻيهر بحال ڪري ورتو آهي.
هيري بروڪ جي ذاتي سببن جي ڪري مختصر وقفي کانپوءِ ٻيهر انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ۾ واپسي ٿي آهي جيڪو پاڻ ملهائڻ لاءِ بيتاب هوندو، ڳالھه ڪجي آل رائونڊرن جي ته ليام ليونگسٽون ۽ معين علي جهڙن بهترين آل رائونڊرن جي جوڙي اسڪواڊ ۾ شامل آهي. انگلينڊ خاص طور تي جوفرا آرچر جي واپسي سان تمام گھڻو خوش آهي جيڪو مارڪ ووڊ سان گڏ هڪ تيز رفتار بالر ٿي سامهون ايندو.ريس ٽوپلي، ڪرس جارڊن ۽ سيم ڪرن جهڙا بالنگ جا ٻيا آپشن پڻ موجود آهن انگلش ٽيم وٽ، ڪرس جارڊن وٽ ڊيٿ بالنگ جي مهارت سان گڏ بيٽنگ جي صلاحيت پڻ موجود آهي.
تجربيڪار ليگ اسپنر عادل رشيد انگلينڊ لاءِ هڪ اهم هٿيار ثابت ٿي سگھي ٿو، ٽام هارٽلي جي صورت ۾ انگلينڊ وٽ هڪ اضافي اسپن بالنگ آپشن پڻ موجود آهي.
جيڪڏهن ڳالھه ڪجي اسڪاٽ لينڊجي ته انهنICC مينزT20 ورلڊ ڪپ يورپ ريجن ڪواليفائر جي فاتح جي حيثيت سان ڪواليفائي ڪيو آهي. جارج منسي ۽ ڪپتان رچي بيرننگٽن اهم رانديگر هوندا اسڪاٽ لينڊ جا
اولي هيئرز ۽ ميٿيو ڪراس کي به پاڻ نظرانداز نٿا ڪري سگھون،
مائيڪل ليسڪ ۽ برانڊن ميڪ مولن آل رائونڊر ڊپارٽمينٽ ۾ اسڪاٽ لينڊ لاءِ پرفارم ڪندا رهيا آهن، اهي ٻئي بالنگ ۽ بيٽنگ سان ميچ جو نقشو ڦيرائي سگھن ٿا. سفيان شريف، اسڪاٽش پيس اٽيڪ جو سڀ کان وڌيڪ تجربيڪار ميمبر هوندو، ، مارڪ واٽ پنهنجي بهترين وريئيشينز جي ڪري مشهور آهي اهو اسڪاٽ لينڊ لاءِ اسپن ڊپارٽمينٽ کي ليڊ ڪندو ۽ مائيڪل ليسڪ ۽ ڪرس گريوز سان گڏجي اپوزيشن کي پريشان ڪري سگھي ٿو.
ماضي ۾ ڪيترن ئي آءِ سي سي جي ايوينٽس ۾ انگلينڊ اپ سيٽن جو شڪار رهيو آهي، جنهن ۾ 2009 T20 ورلڊ ڪپ دوران هالينڊ جي خلاف شڪست هجي يا وري 2011 ODI ورلڊ ڪپ ۾ آئرلينڊ ۽ بنگلاديش هٿان شڪست. ورلڊ ڪپ 2015 ۾ به بنگلاديش کين شڪست ملي، سڀ کان تازو 2023 جي ون ڊي ورلڊ ڪپ ۾ افغانستان جي خلاف به کين شڪست جو منهن ڏسڻو پيو. ڇا اسڪاٽ لينڊ ان لسٽ ۾ شامل ٿي سگھي ٿي جيڪا انگلينڊ جهڙي مضبوط ٽيم کي آءِ سي سي اوينٽ ۾ شڪست ڏئي؟- Advertisement -
