- Advertisement -
ميرپورخاص پوليس ھٿان مارجي ويل ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر ڪيس جي پھرين پوسٽ مارٽم رپورٽ پيش ڪندڙ ڊاڪٽر منتظر لغاري کي گرفتار ڪرڻ بعد قتل واري ايف آءِ آر ۾ بھ نامزد ڪيو ويو آهي.
ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر جي پھرين پوسٽ مارٽم رپورٽ جاري ڪندڙ ڊاڪٽر منتظر لغاري کي ايف آءِ اي گرفتار ڪرڻ کانپوءِ قتل ڪيس ۾ نامزد ڪيو.
جاچ کانپوءِ سي آر پي سي جي سيڪشن 167 تحت دھشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ داخل ڪيل درخواست ۾ ايف آءِ اي اختيارين ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر ڪيس ۾ نامزد 22 جوابدارن سان گڏ 23 نمبر تي ڊاڪٽر منتظر لغاري جو نالو بھ شامل ڪري ڇڏيو آھي.
ايف آءِ اي اختيارين موقف اختيار ڪيو آھي تھ مليل وڊيوز مان اھو ثابت ٿيو آھي تھ پوسٽ مارٽم وقت ڪيس ۾ جوابدار ڄاڻايل اڳوڻو سي آءِ اي انچارج عنايت زرداري، اڳوڻو ڊي آءِ بي انچارج دانش ڀٽي، سنڌڙي ٿاڻي جو اڳوڻو ايس ايڇ او نياز کوسو ۽ ٻيا موجود ھئا، پر ڊاڪٽر شاھنواز جي والدين يا وارثن مان ڪو بھ موجود نھ ھو.
ايف آءِ آءِ اختيارين موجب، ڊاڪٽر منتظر لغاري پنھنجي پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ ڄاڻايو ھو تھ ڊاڪٽر شاھنواز جي ستون نمبر پاسراٽي ٽٽل ھئي، جڏھن تھ قبرڪشائي بعد جيڪو ميڊيڪل بورڊ جوڙيو ويو ھو، ان ڄاڻايو آھي تھ ڊاڪٽر شاھنواز جي اٺون نمبر، نائون، ڏھون ۽ 11 نمبر ساڄي پاسي واريون پاسراٽيون بھ ٽٽل ھيون.
ايف آءِ اي اختيارين ڄاڻايو آھي تھ ميڊيڪل بورڊ جيڪا پوسٽ مارٽم رپورٽ ڏني آھي، ان ۾ اھو بھ ڄاڻايو ويو آھي تھ ڊاڪٽر شاھنواز جون پاسراٽيون جيئري ھئڻ دوران جسماني تشدد سبب ٽوڙيون ويون ھيون، جنهنڪري ڊاڪٽر منتظر اڻپوري رپورٽ ڏئي ڏوھاري ڪردار ادا ڪيو آھي.
واضح رھي تھ ڪيس ۾ نامزد 23 جوابدارن مان 6 گرفتار ۽ 11 ضمانت تي آزاد ٿيل آھن، جڏھن تھ ميرپورخاص جي اڳوڻي ڊي آءِ جي ۽ اڳوڻي ايس ايس پي ميرپورخاص سميت 6 ڄڻا روپوش آھن، جن جي گرفتاريءَ لاءِ دھشتگردي ٽوڙ عدالت ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري ڪري چڪي آھي، پر اڃا تائين اھي گرفتار ناھن ٿي سگھيا.- Advertisement -
