- Advertisement -
ڊنمارڪ جي راڻي مارگريٿ ٽو 14 جنوري تي اقتدار ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته هوءَ اقتدار پنهنجي پٽ شهزاده فريڊرڪ حوالي ڪري ڇڏيندي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، نئين سال جي تقريب کي خطاب دوران ڊنمارڪ جي راڻي مارگريٿ ٽو 14 جنوري تي اقتدار ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ڊنمارڪ جي راڻي مارگريٿ ٽو چيو ته هوءَ اقتدار پنهنجي پٽ شهزاده فريڊرڪ حوالي ڪري ڇڏيندي.
مارگريٿ 1972ع ۾ پنهنجي والد بادشاهه فريڊڪ جي لاڏاڻي بعد تخت سنڀاليو هو.
83 ورهين جي راڻي مارگريٿ ڊنمارڪ تي 52 سال حڪومت ڪئي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، مارگريٿ برطانوي راڻي الزبٿ جي لاڏاڻي بعد يورپ ۾ واحد راڻي آهي.- Advertisement -
