8فيبروري تي ٿيندڙ عام چونڊن جو ٽيون مرحلو اڄ کان شروع

- Advertisement -
8 فيبروري تي ٿيندڙ عام چونڊن جون ٽيون مرحلو شروع ٿي ويو جڏهن ته اميدوارن پاران رٽرننگ آفيسرن جي فيصلن خلاف درخواستون داخل ڪرائڻ جو سلسلو شروع ويو آهي. تحريڪ انصاف اڳواڻ فردوس شميم نقوي ۽ آزاد اميدوار ايڊووڪيٽ مظهر جوڻيجو نامزدگي ڪاغذ رد ٿيڻ خلاف اليڪشن ٽربيونل ۾ درخواستون داخل ڪرايون. جسٽس ارشد حسين خان، پي ٽي آءِ اڳواڻ فردوس شميم نقوي جا نامزدگي ڪاغذ رد ٿيڻ خلاف درخواست جي ٻڌڻي ڪندو. جسٽس خادم حسين تنيو، ايڊووڪيٽ مظهر علي جوڻيجو جا رٽرننگ آفيسر طرفان نامزدگي ڪاغذ رد خلاف درخواست جي ٻڌڻي ڪندو. فردوس شميم نقوي جا اين اي 236 ۽ مظهر علي جوڻيجو جا پي ايس 86 تان نامزدگي ڪاغذ رد ٿيا هئا. اليڪشن ڪميشن جي شيڊول موجب رٽرننگ آفيسرن جي فيصلن  تي اپيلن جو عمل 3 جنوري تائين جاري رهندو. اليڪشن ڪميشن جي شيڊول ۾ چيو ويو آهي ته اپيلن تي چونڊ ٽربيونل 10 جنوري تائين فيصلا ڪندا. اليڪشن ڪميشن جي شيڊول موجب، اميدوار نامزدگي ڪاغذ 12 جنوري تائين واپس وٺي سگهندا. اليڪشن ڪميشن جي شيڊول ۾ چيو ويو آهي ته اميدوارن کي چونڊ نشان 13 جنوري تي  الاٽ ڪيا ويندا ۽ عام چونڊن لاءِ 8 فيبروري تي پولنگ ٿيندي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
7 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
27.6 ° C
27.6 °
27.6 °
29%
3m/s
2%
آچر
29 °
سُومر
31 °
اڱارو
32 °
اربع
31 °
خميس
29 °

تازه ترين خبرون