- Advertisement -
ڊونلڊ ٽرمپ هڪ ڀيرو ٻيهر آمريڪا جو صدر چونڊجي ويو.
آمريڪا ۾ 47 هين صدارتي چونڊن ۾ ڊونلڊ ٽرمپ ڪملا هيرس کي شڪست ڏئي ٻيو ڀيرو صدر چونڊجي ويو.
صدارتي چونڊن ۾ 538 ووٽن مان ڪاميابي لاءِ 270 ووٽ گهربل هئا، ڊونلڊ ٽرمپ 277 ووٽ حاصل ڪري صدارتي چونڊون کٽي ورتيون.
جڏهن ته مخالف اميدوار ڪملا هيرس 226 اليڪٽورل ووٽ حاصل ڪري سگهي.
آمريڪي ميڊيا موجب رياست انڊيانا، فلوريڊا، اوهائيو، ڪينٽڪي، رياست اوڪلوهاما، الباما، ڏکڻ ڪيرولينا، رياست مسي سپي، آرڪنساس ۾ ريپبلڪن صدارتي اميدوار ڊونلڊ ٽرمپ ڪامياب ٿي ويو، ويسٽ ورجينا ۾ به ريپبلڪن اميدوار ڊونلڊ ٽرمپ ڪامياب ٿيو.
ڊيموڪريٽ اميدوار ڪملا هيرس نيوميڪسيڪو ۾ 5، اوري گن ۾ 8، ڪولوراڊو ۾ 10، مين 1، هوائي 4، واشنگٽن ۾ 12، ڊسٽرڪٽ آف ڪولمبيا ۾ 3 ۽ ڪيليفورنيا ۾ 54 اليڪٽورل ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي، ڪملا سڀ کان وڌيڪ ووٽ کڻي ڪيليفورنيا ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي.
رياست هوائي ۾ ڏهون ڀيرو ڊيموڪريٽ پارٽي ڪاميابي حاصل ڪئي، اهڙي طرح ايلي نوائي، نيوجرسي، ميري لينڊ ۽ ورمونٽ ۾ ڪملا هيرس ڪامياب ٿي وئي، ورمونٽ ۾ ڪملا هيرس 3 هزار 77 ووٽ حاصل ڪيا، ڊونلڊ ٽرمپ کي ورمونٽ ۾ 25 سئو 61 ووٽ مليا.
ايري زونا، جارجيا، مشي گن، نيواڊا، اتر ڪيرولينا، پينسلوينيا ۽ وسڪونسن اهي ست رياستون آهن جن کي “سوئنگ سٽيٽس” چيو ويندو آهي ۽ انهن وٽ وائيٽ هائوس جون چاٻيون آهن.
ستن ئي رياستن ۾ گڏيل طور تي 93 اليڪٽورل ووٽ گهربل هوندا آهن.
سوئنگ رياستن ۾ جارجيا ۾ 16، ڪيرولينا 16، پنسلوينيا 19 اليڪٽورل ووٽ کڻي ڪاميابي حاصل ڪئي جڏهن ته ايري زونا ۾ 11، وسڪونسل ۽ نيواڊا ۾ به ڊونلڊ ٽرمپ کي برتري حاصل آهي، ڪملا هيرس مشي گن ۾ 15 ووٽ کنيا.
سينيٽ ۾ به ڊونلڊ ٽرمپ کي ڪملا هيرس جي پارٽي تي اڪثريت حاصل آهي.
آمريڪي سينيٽ ۾ 100 سيٽن مان ريپبلڪن 51 ۽ ڊيموڪريٽس 43 سيٽون حاصل ڪيون.
آمريڪي چونڊن ۾ هڪ پاڪستاني آمريڪن اميدوار سلمان ڀوجاڻي به ڪامياب ٿي ٽيڪساس اسيمبلي جو ٻيهر ميمبر چونڊجي ويو، ڪانگريس لاءِ واحد پاڪستاني آمريڪن اميدوار ايرن بشير هارائي ويو، ايرن بشير پينسلوانيا ۾ ري پبلڪنز جو اميدوار هو.- Advertisement -
