ڊيرا اسماعيل خان ۾ ٿاڻي تي دهشتگردن جو حملو، 10 پوليس اهلڪار شهيد، 6 زخمي

- Advertisement -
ڊيرا اسماعيل خان ۾ ٿاڻي تي دهشتگردن جي حملي ۾ 10 پوليس اهلڪار شهيد ۽ 6 زخمي ٿي پيا آهن. پوليس جو چوڻ آهي ته رات دير سان ڊي آءِ خان جي تعلقي درابن جي چوڌوان ٿاڻي تي دهشتگردن حملو ڪيو. پوليس موجب، دهشتگردن جي حملي ۾ ڊيوٽي تي موجود 10 پوليس اهلڪار شهيد ۽ 6 زخمي ٿي پيا. پوليس جو چوڻ آهي ته شهيدن ۾ محمد اسلم، غلام فريد، محمد جاويد، محمد ادريس، محمد عمران، منصور، اي ايس آءِ ڪوثر، احترام سيد، رفيع الله ۽ حميد الحق شامل آهن. پوليس موجب، زخمين جي سڃاڻپ احمد حسين، اڪبر زمان، عنايت الله، سهراب خان، ابراهيم ۽ نصيب خان طور ٿي آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته شهيدن جا مڙهه ۽ زخمين کي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال منتقل ڪيو ويو. ذريعن موجب، واقعي کانپوءِ دهشتگرد فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، پوليس ۽ سڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي ڳولا لاءِ سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو. حملي ۾ شهيد ٿيل پوليس اهلڪارن جي جنازي نماز اعجاز شهيد پوليس لائين ۾ ادا ڪئي ويندي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
16.1 ° C
16.1 °
16.1 °
28%
0.8m/s
0%
اڱارو
16 °
اربع
22 °
خميس
22 °
جمعو
22 °
ڇنڇر
23 °

تازه ترين خبرون