- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته حڪومتي پاليسين تي ميڊيا جي هاڪاري تنقيد گورننس جي بهتري لاءِ ضروري آهي، ملڪي استحڪام کانپوءِ ملڪي ترقي جي رفتار ٻيهر شروع ٿي چڪي آهي، دوست ۽ ڀائر ملڪن پاڪستان کي ڏيوالي جي ڪناري کان واپس ڪري معاشي ترقي طرف ڪيو آهي، مهانگائي جي شرح ۾ گهٽتائي ۽ وياج جي شرح ۾ گهٽتائي معاشي ٽيم جي محنت جو نتيجو آهي.
وزيراعظم شهباز شريف سان براڊ ڪاسٽرز ايسوسيئيشن جي وفد ملاقات ڪئي.
ملاقات ۾ سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ، اطلاعات واري وزارت جي اعليٰ آفيسرن، چيئرمين پاڪستان براڊ ڪاسٽرز ايسوسي ايشن ميان عامر محمود ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ڊيفالٽ جو خواب ڏسندڙ ملڪ دشمن ٽولو بار بار اسلام آباد تي چڙهائي جي ڪوشش ڪندو آهي، اهڙن عنصرن کان ملڪ جي ترقي هضم ناهي ٿيندي.
سندس چوڻ هو ته دوست ۽ ڀائر ملڪن پاڪستان کي ڏيوالي جي ڪناري کان واپس ڪري معاشي ترقي طرف ڪيو آهي، حڪومت ۽ ميڊيا جو گڏيل اعتماد جو رشتو آهي.
وزيراعظم چيو ته حڪومتي پاليسين تي ميڊيا جي هاڪاري تنقيد گورننس جي بهتري لاءِ ضروري آهي، ميڊيا جي هاڪاري تنقيد جي حڪومت آجيان ڪري ٿي.
شهباز شريف چيو ته ملڪ ۾ اظهار راءِ جي مڪمل آزادي آهي ۽ حڪومت ميڊيا کي رياست جو چوٿون ٿنڀ هئڻ تي يقين رکي ٿي، اڏام پاڪستان ملڪي ترقي جو منصوبو آهي، جنهن کي ميڊيا ۽ سمورا اسٽيڪ هولڊرن جي سهڪار سان ڪامياب بڻائيندا.
وزيراعظم چيو ته ملڪي استحڪام کانپوءِ ملڪي ترقي جي رفتار ٻيهر شروع ٿي چڪي آهي، مهانگائي جي شرح ۾ گهٽتائي ۽ وياج جي شرح ۾ گهٽتائي معاشي ٽيم جي محنت جو نتيجو آهي.
شهباز شريف چيو ته دهشتگردي جي جنگ ۾ سڄي قوم قرباني ڏني، پاڪ فوج سميت قوم هن ناسور جي ملڪ مان مڪمل خاتمي تائين هن خلاف جنگ جاري رکندا.- Advertisement -
