تازه ترين

ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو رينج جي پنجن ئي ضلعن ۾ انتظامي بنيادن تي 227 انسپيڪٽرز ۽ سب انسپيڪٽرز جون بدليون ۽ مقرريون ڪري ڇڏيون

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

ڊي آءِ جي جاويد جسڪاڻي   لاڳاپيل ضلعن جي ايس ايس پيز کي سختيءَ سان هدايت ڪئي آهي ته ساڳي ئي ضلعي جو ڊوميسائيل رکندڙ پوليس آفيسر کي ساڳي ئي ضلعي ۾ ايس ايڇ او مقرر نه ڪيو وڃي.

ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو جاويد سونهارو جسڪاڻي هڪ آرڊر جاري ڪندي انتظامي بنيادن تي رينج جي پنجن ئي ضلعن لاڙڪاڻو، قمبر شهدادڪوٽ، شڪارپور، جيڪب آباد ۽ ڪشمور ڪنڌڪوٽ ضلعن سان واسطو رکندڙ انسپيڪٽر ۽ سب انسپيڪٽر رينڪ جي 227 آفيسرن جون بدليون ۽ مقرريون ڪري ڇڏيون آھن.

بدلي ڪيل آفيسرن ۾ لاڙڪاڻي جا 78، قمبر شهدادڪوٽ جا 46، شڪارپور جا 44، جيڪب آباد جا 28، ڪشمور ڪنڌڪوٽ جا 31 انسپيڪٽرز ۽ سب انسپيڪٽرز شامل آهن.

جاري ڪيل آرڊر موجب لاڙڪاڻي مان بدلي ٿيل پوليس آفيسرن ۾ انسپيڪٽر دلي جان مگسي، محمد يوسف بوزدار، مختيار احمد مگسي، نور احمد مغيري، رحيم بخش ڪلهوڙو، سيد اميد علي شاهه، غلام قادر انصاري، غلام قادر جتوئي، غلام شبير جانوري، جاويد احمد سانگري، منظور احمد سولنگي، ممتاز علي سيال، نظير حسين مگسي ۽ ٻيا شامل آھن.

ڄاڻايل پوليس آفيسر سالن کان وٺي ڊي ايس پيز، ايس ايڇ اوز، ريڊر سميت ٻين مختلف پوسٽن تي مقرر ٿيل هئا.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
24.3 ° C
24.3 °
24.3 °
25 %
2kmh
0 %
آچر
33 °
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
33 °
خميس
34 °

تازه ترين خبرون