تازه ترين

گڙدن جي غير قانوني پيوندڪاري ڪندڙ وڏي ٽولي کي گرفتار ڪيو ويو آهي, محسن نقوي

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي چيو آهي ته گڙدن جي غير قانوني پيوندڪاري ڪندڙ وڏي ٽولي کي گرفتار ڪيو ويو آهي،  غير قانوني پيوندڪاري روڪڻ لاءِ قانونسازي وڌيڪ سخت ڪئي ويندي.

لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي چيو ته ماضي ۾ پنج ڀيرا گرفتار ٿيل جوابدار ڊاڪٽر فواد هن وقت تائين 328 مريضن جي گڙدن جي غير قانوني پيوندڪاري ڪري چڪو آهي، جوابدار جي آزادي لاءِ پوليس تي دٻاءُ آهي.

هن چيو ته جوابدار خانگي رهائشگاهن ۾ عارضي آپريشن ٿيٽر ٺاهيندو هو ۽ پرڏيهه مان ايندڙ مريضن کان هڪ ڪروڙ رپين تائين في اوڳاڙيندو هو،  مڪروهه ڌنڌي ۾ ملوث سمورن جوابدارن کي انجام تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي.

سندس چوڻ هو ته عضون جي غير قانوني پيوندڪاري روڪڻ لاءِ هيلٿ ڪيئر ڪميشن ۽ انساني عضون جي پيوندڪاري بابت جوڙيل اٿارٽي به فعال ڪردار ادا ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي.

نگران وڏي وزير محسن نقوي چيو ته خطرناڪ ڏوهن  ۾ ملوث ماڻهن جي خاتمي لاءِ قانون ۾ تبديلي ضروري آهي.

محسن نقوي جوابدر گرفتار ڪندڙ پوليس پارٽي لاءِ

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
24.3 ° C
24.3 °
24.3 °
25 %
2kmh
0 %
آچر
33 °
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
33 °
خميس
34 °

تازه ترين خبرون