- Advertisement -
ڊيرا اسماعيل خان مان اغوا ٿيل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج شاڪر الله مروت کي بازياب ڪرايو ويو آهي.
ذريعن موجب ڊيرا اسماعيل خان مان 2 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج شاڪر الله مروت کي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن حفاظت بازياب ڪرايو.
سي ٽي ڊي جو چوڻ آهي ته جج شاڪر الله خيريت سان پنهنجي گهر پهچي ويو آهي، کيس غير مشروط طور بازياب ڪرايو ويو.
ڪي حڪومت جي ترجمان بيرسٽر سيف سيشن جج جي بازيابي جي تصديق ڪندي جج شاڪر الله کي آزاد ٿيڻ تي مبارڪباد ڏني.
ڪي پي حڪومت جي سڌ سماءَ واري صلاحڪار بئريسٽر سيف جو چوڻ آهي ته صوبائي حڪومت سيڪيورٽي فورسز جي سهڪار سان دهشتگرديءَ کي منهن ڏئي رهي آهي ۽ امن امان جي بحالي حڪومت جي اولين ترجيح آهي.
واضح رهي ته اڻڄاتل هٿياربندن جج شاڪر الله مروت کي ٽانڪ ۽ ڊيرا اسماعيل خان رستي تان اغوا ڪري سندس گاڏيءَ کي باهه ڏئي ڇڏي هئي.
سيشن جج جي اغوا بعد سي ٽي ڊي آءِ غازي خان ٿاڻي ۾ اڻڄاتل دهشتگردن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو هو…….- Advertisement -
