ڊي جي رينجرز سنڌ ميجر جنرل اظهر وقاص جي صدارت ۾ اجلاس، اجلاس ۾ ڪراچي جي امن امان جي صورتحال ۽ چونڊن جي انتظامن جو جائزو ورتو ويو

- Advertisement -
ڪراچيءَ ۾ ڊي جي رينجرز ميجر جنرل اظهر وقاص جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو جنهن ۾ ڪراچي شهر جي امن امان جي صورتحال خاص طور تي عام چونڊن جي انتظامن جو جائزو ورتو ويو. رينجرز هيڊ ڪوارٽر ۾ ٿيل اجلاس ۾ آءِ جي سنڌ، صوبائي اليڪشن ڪمشنر، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي، گهرو کاتي جو اسپيشل سيڪريٽري، سيڪريٽري سروسز جنرل ايڊمنسٽريشن اينڊ ڪوآرڊينيشن ڊپارٽمينٽ، ڪمشنر ڪراچي، پوليس، رينجرز ۽ حساس ادارن جي اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس دوران قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سڄي سنڌ ۾ عام چونڊن دوران سڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ لاءِ کنيل قدمن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو ۽ ان حوالي سان ڪيل حڪمت عملي جي منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته رينجرز ۽ پوليس طرفان عام چونڊن دوران گڏيل فليگ مارچ ۽ اسنيپ چيڪنگ جي عمل کي وڌيڪ اثرائتو بڻايو ويندو ته جيئن ايندڙ ويندڙ رستن جي سڪيورٽي کي يقيني بڻائي سگهجي ۽ رينجرز جا دستا ڪوئيڪ ريسپانس فورس ايريا ۾ مقرر رهندا. اجلاس ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو ته عام چونڊن جي حوالي سان صوبائي حڪومت ۽ اليڪشن ڪميشن پاران ڏنل حڪمن جي روشنيءَ ۾ قانون ۽ ضابطه اخلاق جي مڪمل پاسداري کي يقيني بڻايو ويندو ۽ ڀڃڪڙي ڪندڙ عنصرن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
19.9 ° C
19.9 °
19.9 °
19%
2.7m/s
0%
سُومر
21 °
اڱارو
22 °
اربع
23 °
خميس
23 °
جمعو
23 °

تازه ترين خبرون