ڏکڻ آفريڪا ۾ 30 سالن کانپوءِ نيلسن منڊيلا جي پارٽي، عام چونڊن ۾ اڪثريت وڃائي ويٺي

- Advertisement -
ڏکڻ آفريڪا ۾ 30 سالن کانپوءِ نيلسن منڊيلا جي پارٽي، عام چونڊن ۾ اڪثريت وڃائي ويٺي آهي. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 1994 کانپوءِ نسل پرستي جي خاتمي کانپوءِ پهريون ڀيرو حڪمران جماعت اڪثريت کان محروم ٿي وئي آهي، اي اين سي کي صرف 40 سيڪڙو ووٽ مليا آهن، حڪومت ٺاهڻ لاءِ حڪومتي پارٽي کي ڪنهن اتحاد جو سهارو وٺڻو پوندو. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته چونڊن دوران ڏکڻ آفريڪا جي مک اپوزيشن پارٽي ڊيموڪريٽڪ کي تقريبن 21 سيڪڙو ووٽ مليا آهن، اڳوڻي صدر جيڪب زوما جي پارٽي پهرين اليڪشن ۾ 14 سيڪڙو ووٽ حاصل ڪري ورتا آهن. اپوزيشن پارٽين چونڊ نتيجن کي اهم ڪاميابي قرار ڏئي ڇڏيو آهي، سندن چوڻ آهي ته ڏکڻ آفريڪا هن وقت بک ۽ اڻبرابري کي منهن ڏئي رهيو آهي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25.4 ° C
25.4 °
25.4 °
25%
4.1m/s
0%
جمعو
26 °
ڇنڇر
33 °
آچر
32 °
سُومر
32 °
اڱارو
31 °

تازه ترين خبرون