تازه ترين

ڪي اين شاهه ۾ زمين جي تڪرار تان چاچي ۽ ڀائٽين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جهيڙي دوران ڀائٽين پنهنجي چاچي کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
ڪي اين شاهه ۾ زمين جي تڪرار تان چاچي ۽ ڀائٽين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جهيڙي دوران ڀائٽين پنهنجي چاچي کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. ڳوٺ سھراب ٻگهيو ۾ ٻگھيا برادري جي ٻن ڌرين چاچي ۽ ڀائيٽين ۾ زميني جي تڪرار تان جھيڙو ٿي پيو. جهيڙي دوران ڀائٽين گوليون هڻي پنهنجي چاچي 45 ورھين جي عبدالقادر ٻگھيو کي مرڻينگ ڪري ڇڏيو. زخمي عبدالقادر ٻگلهيو کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ خيرپورناٿن شاهه اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي هو زخمن جا سور نه سھندي دم ڌڻيءَ حوالي ڪري ڇڏيو. اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد مقتول جو مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته سھراب ٻگهيو ڳوٺ ۾ چاچي ۽ ڀاِئيٽين ۾ زمين جي مسئلي تان تڪرار ھلندڙ ھو، جنھن جي نتيجي ۾ اڄ جوابدار ڀائيٽين جي فائرنگ ۾ سندن چاچو قتل ٿي ويو آھي. پوليس جو چوڻ هو ته مقتول جا وارث ايندا ته سندن مرضيءَ موجب ڪيس داخل ڪيو ويندو ۽ جلد جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
18.1 ° C
18.1 °
18.1 °
57 %
3.3kmh
35 %
خميس
23 °
جمعو
28 °
ڇنڇر
28 °
آچر
31 °
سُومر
31 °

تازه ترين خبرون