ڪراچيءَ جي مختلف علائقن ۾ تيز برسات سبب هيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا

- Advertisement -
ڪراچيءَ جي مختلف علائقن ۾ تيز برسات سبب هيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا، جڏهن ته ٿڌ ۾ اضافو ٿي ويو. سرجاڻي ٽائون، نارٿ ڪراچي، اسڪيم 33، منگهوپير، اورنگي ٽائون ۽ تيسر ٽائون ۾ به برسات ٿي. نارٿ ناظم آباد ۽ ڀرپاسي واري علائقن ۾ هلڪي، جڏهن ته صدر، آءِ آءِ چندريگر روڊ ۽ ڀرپاسي ۾ تيز وسڪارو ٿيو. هاڪس بي، ماڙيپور روڊ، لياري، جهانگير روڊ، لياقت آباد، عائشه منزل ۽ ناظم آباد ۾ ڪٿي هلڪي ۽ ڪٿي تيز برسات ٿي. برسات بعد شاهراهه فيصل، صدر ۽ ٻين مک روڊ رستن تي پاڻي بيهڻ سبب ٽريفڪ جام ٿي وئي. ڊرگ روڊ تي انڊر پاس به پاڻي سان ڀرجي ويو، جڏهن ته برسات سبب 4 سئو فيڊر ٽرپ ٿيڻ بعد اڪثر علائقا اونداهي ۾ ٻڏي ويا. جناح اسپتال جي گائني وارڊ ۽ سول اسپتال جي ميڊيڪل وارڊ ۾ پاڻي داخل ٿيڻ  سبب مريضن کي مشڪلاتن جو منهن ڏسڻو پئجي ويو. حيدرآباد، سکر، جيڪب آباد، دادو، خيرپور، ڪنڌڪوٽ، ڪشمور، قاضي احمد، پڊعيدن، فيض گنج، ڀان سيدآباد، باڊهه ۽ ٻين شهرن ۾ به وسڪاري بعد ٿڌ جي شدت ۾ اضافو ٿي ويو. کڏڙو، ٺارو شاهه، ڀرياسٽي، درٻيلو ۽ ٻين شهرن ۾ برسات بعد روڊن رستن تي پاڻي بيهجي ويو…….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
16.1 ° C
16.1 °
16.1 °
28%
0.8m/s
0%
اڱارو
16 °
اربع
22 °
خميس
22 °
جمعو
22 °
ڇنڇر
23 °

تازه ترين خبرون