اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشي کي پنجن سالن لاءِ نااهل قرار

- Advertisement -
اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشي کي پنجن سالن لاءِ نااهل قرار ڏئي ڇڏيو . اليڪشن ڪميشن پاران شاهه محمود قريشي کي نااهل قرار ڏيڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو. نوٽيفڪيشن ۾ شاهه محمود قريشي کي عام چونڊن 2024 لاءِ نااهل قرار ڏنو ويو. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو ته آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ تحت قائم خاص عدالت شاهه محمود قريشي کي ڏوهي قرار ڏنو. نوٽيفڪيشن موجب عدالت شاهه محمود قريشي کي 10 سال قيد جي سزا ٻڌائي آهي، آئين جي آرٽيڪل 63 ون ايڇ تحت کيس نااهل ڪيو ويو. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو ته شاهه محمود قريشي اليڪشن ايڪٽ 232 جي تحت به نااهل قرار ڏنو وڃي ٿو، سندس نااهلي جو مدو 5 سال هوندو . واضح رهي ته هڪ ڏينهن اڳ آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ تحت قائم ڪيل خاص عدالت سائيفر ڪيس ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني ۽ شاهه محمود قريشي کي 10-10 سال قيد جي سزا ٻڌائي هئي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
16.1 ° C
16.1 °
16.1 °
28%
0.8m/s
0%
اڱارو
16 °
اربع
22 °
خميس
22 °
جمعو
22 °
ڇنڇر
23 °

تازه ترين خبرون