تازه ترين

ڪراچيءَ ۾ جي يو آءِ جي ميزباني هيٺ پ پ مخالف پارٽين جو ڪٺ ٿيو

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

سنڌ ۾ پ پ مخالف پارٽين عام چونڊن ۾ گڏجي مقابلو ڪرڻ جو فيصلو آهي، اڳواڻن جو چوڻ آهي ته پيپلزپارٽي 15 ورهين کان سنڌ کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، سڀني جي گڏ ٿيڻ سان ئي ڪاميابي ملندي.

ڪراچيءَ ۾ جي يو آءِ جي ميزباني هيٺ پ پ مخالف پارٽين جو ڪٺ ٿيو.

مولانا راشد محمود سومري جي صدارت هيٺ ٿيل ڪٺ ۾  ن ليگ، پي ٽي آءِ، جي ڊي اي، جماعت اسلامي ۽ قومپرست پاٽين جي اڳواڻن شرڪت ڪئي.

اڳوڻو وڏو وزير لياقت جتوئي، غوث علي شاهه، امير بخش ڀٽو، ڊاڪٽر صفدر عباسي، علي گوهر مهر، سردار رحيم، عرفان الله مروت، کيئل داس ڪوهستاني، معظم عباسي، حسنين مرزا ۽ عارف مصطفيٰ جتوئي،  صنعان قريشي، اياز لطيف پليجو،  رياض چانڊيو ۽ ٻيا اڳواڻ گڏجاڻي ۾ شريڪ ٿيا.

اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته پيپلزپارٽي 15 ورهين ۾ سنڌ کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، ٻيٽ، جبل ۽ ٻيا وسيلا وڪرو ڪيا پيا وڃن.

هنن چيو ته بيداري مارچ ذريعي عوام کي پ پ جو متبادل ڏيکارڻ جي ضرورت آهي، سڀني جي گڏ ٿيڻ سان ئي ڪاميابي ملندي.

سندن چوڻ هو ته سنڌ ۾ ڪڻڪ، ڀاڻ ۽ ٻوڏ سميت ٻين معاملن تي ڪنهن به ڪردار ادا نه ڪيو، انهن معاملن تي تحريڪ هلائڻ جي ضرورت آهي.

اڳواڻن چيو ته کين نگران وڏي وزير لاءِ نالا ڏيڻ گهرجن، ڀلي قبول نه ڪيا وڃن پر ميدان خالي نه ڇڏڻ گهرجي…..

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
31.2 ° C
31.2 °
31.2 °
30 %
3.9kmh
49 %
خميس
31 °
جمعو
29 °
ڇنڇر
30 °
آچر
29 °
سُومر
32 °

تازه ترين خبرون