تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

ڪراچيءَ ۾ سي آءِ اي پوليس جي مبينا تشدد سبب نوجوان فوت، 7 اهلڪار معطل

- Advertisement -
ڪراچيءَ ۾ سي آءِ اي پوليس جي مبينا تشدد سبب نوجوان فوت ٿي ويو آهي، ايس ايس پي ايس آءِ يو امجد شيخ واقعي ۾ ملوث ٽن اي ايس آءِ سميت ستن اهلڪارن کي معطل ڪري ڇڏيو. ڪراچي جي اسپيشل انويسٽيهيشن يونٽ جي حراست ۾ بهاولپور واسي عرفان مبينا تشدد ۾ فوت ٿي ويو، سندس لاش جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. وارثن جو چوڻ آهي ته عرفان احمد پور شرقيه بهاولپور کان ڪراچي گهمڻ آيو هو، هو دوستن سان گڏ اربع ڏينهن صبح جو نيرن لاءِ عائشه منزل ويو هو. وارثن موجب، عرفان ۽ سندس ٽن دوستن کي عائشه منزل وٽان حراست ۾ ورتو ويو، چئني جا موبائل فون بند ڪيا ويا، خميس ڏينهن شام جو عرفان جي چاچي کي فون ڪري ايس آءِ يو آفيس گهرائي سندس موت بابت ٻڌايو ويو. هنن سنڌ جي وڏي وزير ۽ آءِ جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته کين انصاف فراهم ڪيو وڃي. ڪراچي پوليس چيف جاويد عالم اوڍري واقعي جي انڪوائري جو حڪم ڏيندي چيو ته ملوث اهلڪارن خلاف قانوني ڪارروائي ٿيندي. ايس ايس پي ايس آءِ يو امجد شيخ واقعي ۾ ملوث ٽن اي ايس آءِ سميت ستن اهلڪارن کي معطل ڪري ڇڏيو. هن چيو ته عرفان جي ساٿين کي جاچ کانپوءِ آزاد ڪيو ويو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
19.8 ° C
19.8 °
19.8 °
26 %
1kmh
0 %
خميس
28 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
30 °
آچر
29 °
سُومر
25 °

تازه ترين خبرون