- Advertisement -
ڪراچيءَ ۾ سي آءِ اي پوليس جي مبينا تشدد سبب نوجوان فوت ٿي ويو آهي، ايس ايس پي ايس آءِ يو امجد شيخ واقعي ۾ ملوث ٽن اي ايس آءِ سميت ستن اهلڪارن کي معطل ڪري ڇڏيو.
ڪراچي جي اسپيشل انويسٽيهيشن يونٽ جي حراست ۾ بهاولپور واسي عرفان مبينا تشدد ۾ فوت ٿي ويو، سندس لاش جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.
وارثن جو چوڻ آهي ته عرفان احمد پور شرقيه بهاولپور کان ڪراچي گهمڻ آيو هو، هو دوستن سان گڏ اربع ڏينهن صبح جو نيرن لاءِ عائشه منزل ويو هو.
وارثن موجب، عرفان ۽ سندس ٽن دوستن کي عائشه منزل وٽان حراست ۾ ورتو ويو، چئني جا موبائل فون بند ڪيا ويا، خميس ڏينهن شام جو عرفان جي چاچي کي فون ڪري ايس آءِ يو آفيس گهرائي سندس موت بابت ٻڌايو ويو.
هنن سنڌ جي وڏي وزير ۽ آءِ جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته کين انصاف فراهم ڪيو وڃي.
ڪراچي پوليس چيف جاويد عالم اوڍري واقعي جي انڪوائري جو حڪم ڏيندي چيو ته ملوث اهلڪارن خلاف قانوني ڪارروائي ٿيندي.
ايس ايس پي ايس آءِ يو امجد شيخ واقعي ۾ ملوث ٽن اي ايس آءِ سميت ستن اهلڪارن کي معطل ڪري ڇڏيو.
هن چيو ته عرفان جي ساٿين کي جاچ کانپوءِ آزاد ڪيو ويو آهي.- Advertisement -
