ميرپور ماٿيلو: ساوند سندراڻي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ، 6 ڄڻا قتل

- Advertisement -
ميرپور ماٿيلي ويجهو ساوند سندراڻي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 6 ڄڻا قتل ٿي ويا۽ ٻه ڳوٺاڻا زخمي ٿي پيا. ڳوٺ مسڪان ساوند تي هٿياربندن جي  حملي ۾ ٽن مهمانن سميت 6 ڄڻا قتل ۽ ٻه ماڻهو زخمي ٿي پيا. مارجي ويلن ۾فيض محمد، عبدالرحمان ساوند، امير بخش ساوند، شير محمد، علي رضا ملڪ  ۽ ٻيا شامل آهن. اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتولن جا لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيا، جتان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيا. پوليس جو چوڻ آهي ته ساوند سندراڻي تڪرار تان واقعو پيش آيو آهي. پوليس موجب قتل ٿيلن ۾ ٽي ملڪ برادري جا ماڻهو ۽ ٽي ساوند برادري جا ماڻهو آهن. پوليس جو وڌيڪ چوڻ هو ته گذريل ڏينهن سندراڻي برادري جو ماڻهو قتل ٿيو هو، جنهن جي پلاند ۾ هٿياربندن حملو ڪيو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
20.4 ° C
20.4 °
20.4 °
58%
1.7m/s
0%
جمعو
26 °
ڇنڇر
28 °
آچر
29 °
سُومر
31 °
اڱارو
32 °

تازه ترين خبرون