ڪراچي:ايف آءِ اي جي ڪارروائي، جعلي ڪاغذن تي سفر ڪندڙ مسافر گرفتار

- Advertisement -
ڪراچي ۾ ايف آءِ اي اميگريشن ڪارروائي ڪندي جعلي ڪاغذن تي سفر ڪندڙ مسافر کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ايف آءِ اي ترجمان موجب جوابدار پاڪستاني پاسپورٽ تي ايران کان ڪراچي ايئرپور پهتو، اميگريشن ڪليئرنس دوران جوابدار جي پاسپورٽ تي لڳل جرمن ويزا شڪي نڪتي. ترجمان موجب شڪي هئڻ سبب سندس پاسپورٽ ۽ ٻين ڪاغذن کي سيڪنڊ لائن آفيس جي فرانزڪ پراسيس مان گذاريو ويو. ترجمان موجب پاسپورٽ تي لڳل ويزا تي ضروري سڪيورٽي ۽ ٻيون خصوصيتون موجود نه هيون. ايف آءِ اي ترجمان جو چوڻ هو ته شروعاتي جاچ موجب جوابدار عمان جي رهواسي مبشر نالي ايجنٽ کان سفري ڪاغذ ويزه ٽڪيٽ حاصل ڪئي جنهن لاءِ جوابدار ڄاڻايل ايجنٽ کي 20 لک رپيا ڏنا. ترجمان موجب جوابدار کي گرفتار ڪري وڌيڪ قانوني ڪارروائي لاءِ انساني سمگلنگ سرڪل ڪراچي منتقل ڪيو ويو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
21.1 ° C
21.1 °
21.1 °
36%
3m/s
0%
جمعو
21 °
ڇنڇر
30 °
آچر
30 °
سُومر
30 °
اڱارو
30 °

تازه ترين خبرون