مانجهند ويجهو برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب پورهيت پاران پٽ کي ڊرم مان ٻيڙي ٺاهي اسڪول اماڻڻ واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي.
ڳوٺ سوڀو مانجهند ۽ الهه رکيو ورياڻي جديد دور ۾ بنيادي سهولتن کان محروم بڻيل آهن.
ٻنهي ڳوٺن کي ڳنڍڻ لاءِ رستو ڪچو هئڻ سبب علائقي واسي پريشانين ۾ مبتلا آهن، سندن شهر ۽ انڊس هاءِ وي سان رابطو پڻ ڪٽيل آهي.
روڊ نه هئڻ سبب ڪچي رستي تي هيٺاهين واري هنڌ تلاءَ جي صورت ۾ پاڻي بيٺل آهي.
پورهيت پاران پٽ کي ڊرم جي ٻيڙي ٺاهي اسڪول موڪلڻ واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي.
وڊيو ۾ پورهيت کي پنهنجي پٽ کي ڊرم جي ٻيڙي ۾ ويهاري اسڪول اماڻيندي ڏسي سگهجي ٿو.
ڳوٺاڻن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ڳوٺن ۾ لنڪ روڊ ٺاهڻ سان گڏوگڏ ٻيون بنيادي سهولتون فراهم ڪيون وڃن.
مانجهند: برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيو پورهيت کي اسڪول موڪلڻ لاءِ ڊرم مان ٻيڙي ٺاهي ورتي
لاڳاپيل خبرون
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
17.7
°
C
17.7
°
17.7
°
16%
2.5m/s
0%
ڇنڇر
17
°
آچر
17
°
سُومر
17
°
اڱارو
17
°
اربع
17
°


