- Advertisement -
سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته جڏهن به ملڪ جي معيشت بهتري طرف ويندي آهي ته پي ٽي آءِ ڪا نه ڪا سازش ڪندي آهي، مختلف سياسي جماعتن جي قيادت قيد ڪاٽيا پر ملڪ لاءِ ڪڏهن به برو نه سوچيو هو.
ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ هو ته پي ٽي آءِ جي قيادت ۾ تضاد آهن، هر ڪنهن ليڊر جو ڌار ڌار بيانيو آهي.
شرجيل ميمڻ چيو ته پي ٽي آءِ جي ليڊرشپ پاڪستان کي هر قسم جو نقصان پهچائڻ لاءِ ڏينهن رات مصروف آهي، هنن جي احتجاج ۾ خيبرپختونخواهه مان زبردستي آندل ماڻهن کانسواءِ ٻيو ڪيربه شامل نه هو.
صوبائي وزير چيو ته جتي پي ٽي آءِ جي حڪومت هئي اتان ڪي پي جي وڏي وزير ماڻهن کي پئسا ڏئي گڏ ڪيو، جڏهن حڪومت سختي ڪئي ته سڀ کان پهرين بشريٰ بي بي فرار ٿيڻ جو رستو اختيار ڪيو.
شرجيل انعام ميمڻ چيو ته وڏيون وڏيون ڳالهيون ڪندڙ علي امين گنڊاپور سڀ کان پهرين ميدان ڇڏي فرار ٿي ويو هو.
صوبائي وزير چيو ته علي امين گنڊاپور حڪومت بدران دهشتگردن خلاف هٿيار کڻي، هنن جو بيانيو رياست سان بغاوت جو پيغام آهي.
شرجيل ميمڻ چيو ته پي ٽي آءِ جي سيڪنڊ قيادت پي ٽي آءِ باني سان مخلص ناهي، هي چاهين ٿا باني اندر هجي ۽ سندن دڪانداري هلندي رهي.
شرجيل انعام ميمڻ وڌيڪ چيو ته سنڌ سرڪار عوام کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ مختلف منصوبن تي ڪم ڪري رهي آهي، ٻوڏ متاثرن کي 21 لک گهر تعمير ڪري ڏئي رهيا آهيون.
صوبائي وزير چيو ته سنڌ سرڪار 10 هزار نوجوانن کي آءِ ٽي جي تربيت ڏئي رهي آهي، صحت، ٽرانسپورٽ، آبپاشي سميت ٻين شعبن ۾ عوامي ڀلائي لاءِ ڪم هلي رهيا آهن.- Advertisement -
